مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ جون خبرون هلڻ بعد فوڊ کاتو جاڳي پيو. ضلعي مٽياري ۾ اٽو 140 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ بعد فوڊ کاتي پاران ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا آهن جتي 10 ڪلن جو اٽي جو بيگ 650 رپين ۾ ڏنو پيو وڃي، سستي اگهه تي لڳل اٽي اسٽالن تي عوام جي پيهه لڳل آهي،ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر احسان ﷲ ڪوري جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ هر ننڍي وڏي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ روزاني جي بنياد تي سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا آهن، روزانو جي بنياد تي عوام کي رليف ڏنو پيو وڃي، ضلعي روزانو پنج هزار جي لڳ ڀڳ ڏهن ڪلن وارا بيگ ڏئي رهيا آهيون، ڊي ايف سي وڌيڪ چيو آهي ته ڊائريڪٽر فوڊ سنڌ جي خاص هدايتن تي ضلعي جي ٽنهي تعلقن هالا، نيوسعيداباد ۽ مٽياري ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ به الگ الگ سان اسٽال لڳائي رهيا آهيون