اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ آدمشماري ڪندڙ اداري شماريات بيورو جي سربراهه ڊاڪٽر نعيم ظفر 12 مارچ کان شروع ٿيل آدمشماري جي مرحلي کي 4 اپريل تائين مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن ڪراچي جي ڪل 16 هزار سينسز بلاڪن مان 200 کان وڌيڪ سينسز بلاڪن جي لسٽنگ نه ٿي سگهڻ جو به اعتراف ڪيو، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 12 مارچ کان آدمشماري جو مرحلو شروع ٿيو آهي جيڪو 4 اپريل تائين جاري رهندو، آدمشماري دوران انهن شهرين کي به ڳڻيو ويندو جيڪي پنهنجي قانوني سڃاڻپ يا سڃاڻپ ڪارڊ فارهم ڪرڻ کان قاصر هوندا ،  انهن کي به هتان جي آبادي ۾ شامل ضرور ڪيو ويندوهن جو چوڻ هو ته آدمشماري لاءِ سڄي ملڪ کي هڪ لک 85 هزار 509 سينسز بلاڪن ۾ تقسيم ڪيو ويو، 2017ع جي آدمشماري لاءِ هڪ لک 29 هزار 250 سينسز بلاڪ قائم ڪيا ويا هئا، هن وقت تائين هڪ لک 67 هزار 568 سينسز بلاڪن جي لسٽنگ مڪمل ٿي چڪي آهي، 2464 سينسز بلاڪ اهڙا آهن جن جي هائوس لسٽنگ اپڊيٽ نه ٿي سگهي آهي، 2039 سينسز بلاڪن ۾ لسٽنگ نه ٿي آهي، هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڪل 16 هزار سينسز بلاڪ آهن جن مان 200 سينسز بلاڪن ۾ هائوس لسٽنگ نه ٿي سگهي آهي، فاٽا جي علائقن ۾ به سيڪيورٽي مامرن سبب هائوس لسٽنگ نه ٿي آهي، هن وقت تائين 3 ڪروڙ 93 لک بلڊنگ اسٽرڪچرن جي لسٽنگ، جيو فينسنگ ٿي چڪي آهي، جن ۾ گهر، مسجدون ۽ اسڪول به شامل آهن، 80 لک گهرن جي لسٽنگ به ٿي آهي، هن چيو ته شماريات بيورو روزانو بنياد تي ايندڙ ڊيٽا جو تجزيو ۽ جائزو وٺي رهيو آهي، تازو ٿيل ڊيمو گرافڪ سروي ۽ 2017ع جي ٿيل آدمشماري جي انگن کي استعمال ڪندي ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري جي انگ اکر جي رجحانن جو تجزيو ڪيو پيو وڃي، هڪ هزار 95 آءِ ٽي ماهر فيلڊ اسٽاف جي مدد لاءِ موجود آهن، هن ٻڌايو ته تمام صوبن جي چيف سيڪريٽرين، ڊپٽي ڪمشنرن، ايس پيز ۽ ٻين آفيسرن کي ريئل ٽائيم مانيٽرنگ ڊيش بورڊ ۾ ايندڙ ڊيٽا تائين رسائي ڏني وئي آهي، ٻوڏ متاثرن جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ هجرت واري سوال کي فارم ۾ بحال ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ سبب لڏ پلاڻ ڪري ويندڙن بابت معلوم ٿي سگهي، هن جو چوڻ هو ته پيدا ٿيندڙ خدشن ۽ معمولي ٽيڪنيڪل مسئلن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، هن چيو ته آدمشماري جي عملي کان ڳڻپ ڪرائڻ ۾ حصو وٺڻ نه رڳو هر شهري تي اخلاقي فرض آهي پر اها سندس قانوني ذميواري به آهي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ حڪومت جا خدشا ۽ اعتراض بنيادي طور تي اعتماد جي فقدان سبب آهن، 30 اپريل تائين آدمشماري جي ڊيٽا کي حتمي صورت ڏيڻ جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو.