اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله چيو آهي ته آمريڪي سي آءِ اي جو خريد ڪيل غلام زلمي خليل زاد ٻئي غلام عمران خان جي حق ۾ ڳالهائي رهيو آهي، ڇا زلمي خليل زاد پاڪستان اليڪشن ڪميشن جو چيف آهي جو اليڪشن جي تاريخ ڏئي رهيو آهي؟ جنهن سان ثابت ٿيو ته عمران خان پاڪستان جو نه آمريڪا جو ايجنٽ آهي، جاري ڪيل بيان ۾ حافظ حمد الله چيو ته پرڏيهي وزارت زلمي خليل زاد کي “شٽ اپ” ڪال ڏئي ته پاڪستان جي اندروني مامرن ۾ مداخلت نه ڪري.