ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي 11 کنڀيل ڪارڪنن جي وارثن کي معاوضو نه مليو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سرڪار کان پڇاڻو ڪندي چيو ته جڏھن اسلام آباد ۾ کنڀيلن جي وارثن کي امدادي رقم ڏني وڃي ٿي ته پوءِ  ھتي ائين ڇو نٿو ٿئي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل جواب لاءِ مھلت گھري ورتي، ڪالهه ٻڌڻي دوران وڪيل شاھد پاشا موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت رڳو 6 خاندانن کي 5.5 لک ڏنا آھن، جڏهن ته کنڀيلن جي ڊگهي لسٽ آهي، جن کي ڪجهه به ناهي مليو ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ته روزانو 5 هزار رپيا هرجاڻي جو حڪم ڏنو آهي، جنهن تي عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن اسلام آباد ۾ رقم ڏني وئي ته هتي ڇو ناهي  ڏني ؟ جنھن تي سرڪاري وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت کان پڇي ڪري جواب جمع ڪرايو ويندو، عدالت سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ پراسيڪيوشن جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ٻڌڻي 13 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي،