سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ پروفيسرز ايسوسئيشن جو ھنگامي اجلاس، شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ ماتحت ٿيندڙ امتحانن جي بائيڪاٽ جو اعلان. تفصيل موجب سنڌ پروفيسرز ليڪچررز ايسوسيئيشن (سپلا) سکر ريجن جو ھنگامي اجلاس پروفيسر مشتاق ڦلپوٽي جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو، جنھن ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميا جي ھٺ ڌرمي ۽ غلط پاليسين تي سخت ڳڻتيءَ جو اظھار ڪيو ويو. سپلا جي ريجنل صدر پروفيسر مشتاق ڦلپوٽو، پروفيسر لعل بخش ڪلھوڙي، پروفيسر ملھار سنڌي ۽ ٻين جو ان حوالي سان چوڻ هو ته صرف سکر ريجن جي مختلف ڪاليجن مان بي اي، بي ايس سي، ايم اي، بي ڪام جي امتحاني فيس جي مد ۾ ڏيڍ ارب کان وڌيڪ رقم وصول ڪئي وئي آھي پر ڪاليجي استادن کي معاوضو نه پيو ڏنو وڃي. سمورن معاوضن جي ادائگين تائين امتحانن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪريون ٿا، جيستائين رھتون جاري نه ڪيون وينديون تيستائين امتحانن ۾ نه وڃبو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته چيو ته گذريل ٽن سالن کان ٿيل امتحانن وارا معاوضا ھن وقت تائين ادا نه ڪيا ويا آھن. هنن الزام مڙھيندي چيو ته يونيورسٽي انتظاميا جي ڪرپشن سبب نه صرف ڪاليجي استادن ۾ بي چيني پکڙيل آھي پر غلط ايڊميشن پاليسي ۽ ٻين تعليمي دشمن عملن سبب ھزارين شاگردن جو مستقبل پڻ داءُ تي لڳل آھي.