سيوهڻ (ن پ ا) سيوھڻ جي ڪانگڙي پاڙي واسڻ پسند جي شادي ڪندڙ صائمه زال راجا کوسو پنهنجي پيءُ قادر بخش ڪانگڙي خلاف امڙ سان گڏ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن الزام هنيو ته 2 مھينا اڳ مون پنهنجي رضا خوشيءَ سان سيوھڻ ڪورٽ ۾ راجا کوسو نالي شخص سان پيار جي شادي ڪئي ان تي منهنجو پيءُ قادر بخش ڪانگڙي روزانو مون کي ۽ منهنجي مڙس ۽ ان جي فيملي کي ڌمڪائي رهيو آهي ۽ ھو ھن وقت مڙس کان الڳ ڪري مونکي ٻئي هنڌ وڪرو ڪرڻ ٿو چاهي اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.