حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پيپلز مارڪيٽ ڪاميٽي ايمپلائيز يونين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڊي جي ايگريڪلچر جي آفيس سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مارڪيٽ ڪاميٽي جي ملازمن لالا حبيب پٺاڻ، حامد، مسعود عالم قريشي، راشد چاچڙ، وسيم خاصخيلي، امجد ابڙو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ قائم مارڪيٽ ڪاميٽيز جي ملازمن کي سنڌ سرڪار پاڻ وٽ ضم ڪري. ڪيترن ئي ملازمن کي 25 کان 30 سال ملازمت ڪندي گذري ويا آهن پر کين ترقيون نٿيون ڏنيون وڃن. سالن کان رهيل پگهار به ادا نٿي ڪئي وڃي. مارڪيٽ ڪاميٽي جي ملازمن سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. وزيراعليٰ سنڌ کان مطالبو آهي ته ملازمن تي رحم ڪري کين مستقل ڪرڻ سان گڏ ضم ڪيو وڃي ته جيئن هو ترقيون ماڻي سگهن.