ٽنڊوالھيار (رپورٽر) ٽنڊوالھيار ۾ چورين ۾ ضابطو نه اچي سگهيو آهي. پريم نگر مان چور ياسر بلوچ جي گھر ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا جڏهن ته راما پير مندر ميلي ۾ ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار آصف جسڪاڻي جي نئين موٽرسائيڪل جو لاڪ ٽوڙي نامعلوم چور ڪاھي فرار ٿي ويا.