سيوهڻ (ن پ ا) سيوھڻ واسين پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز کي غريب مسڪين پورھيتن جو ساٿي قرار ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ سيوھڻ پريس ڪلب ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سالگره جي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سيوھڻ جي قلم ڌڻين، سماجي تنظيمن ۽ شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ سالگره جي ڪيڪ ڪاٽڻ وقت پريس ڪلب سيوھڻ جي صدر محمد خالد ميمڻ ۽ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي رپورٽر ايم اشرف عطار ڪيڪ ڪاٽڻ جي رسم ادا ڪئي. ان موقعي تي سيوهڻ پريس ڪلب جي صدر خالد ميمڻ سينئر صحافي ذوالفقار علي سولنگي، ڄامشورو يونين آف جرنلسٽ جي ضلعي صدر ڪي ڪي بڙدي، نظر پنھور، لعل شهباز ٽرسٽ جي اڪبر ملاح، سيد عاشق حسين شاھ ڪاظمي،صفدر حسين گاڏي، خالد جتوئي، ايس يو پي اڳواڻ آزاد منصور چنا،اصغر ڪوريجو ۽ ٻين پنھجي اخبار کي غريب مسڪين پورھيتن جو ساٿي قرار ڏيندي چيوته ته پنھجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز ھر پوئتي پيل علائقن جي ماڻھن سان پيش ايندڙ مسئلن جو بھترين ادارو مليو آھي،سيوھڻ شھر ۽ سنڌ صوبي ۽ پوري ملڪ ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پنھنجو پاڻ ملھايو آھي، سيوھڻ جدوجهد ڪاميٽي اڳواڻن اڪبر ملاح ۽ ٻين چيو ته سيوھڻ جي درگاھ بند ڪرڻ کان کلڻ تائين ۽ شھر ۾ ٿيندڙ ھر مسئلي پاڻي جي اشو ھجي يا شھر اندر بدامني تي ٽائيم نيوز ۽ پنھجي اخبار سيوھڻ جي شھرين جو آواز بڻجي ۽اقتدار ڌڻين تائين پھچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آھي ھن اداري جي باني علي قاضي کي سلام پيش ڪندي چيوته ٽائيم ۽ پنھنجي اخبار جو سمورو سٿ جس لھڻي .