ڪراچي (نمائندن وٽان) پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سالگرهه اڄ ملهائي ويندي، مختلف شهرن ۾ تقريبون، ڪيڪ ڪاٽيا ويا. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص ۾ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سالگرهه ميرپورخاص جي بيورو آفيس ۾ ملھائي وئي، سالگره جي موقعي تي ٽائيم نيوز جي نالي سينگاريل ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ پڻ مٺائي ورھائي وئي. سالگره جي موقعي تي ٽائيم نيوز پنهنجي اخبار جي ترقي سميت سرواڻ محترم علي قاضي جي وڏي زندگي لاءِ مولانا حفيظ الرحمان فيض کان دعائون ڪرايون ويون. ان موقعي تي سياسي سماجي وڪيلن سميت ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي ميرپورخاص ضلعي جي سٿ پاران شرڪت ڪئي وئي. ٻئي طرف نوابشاهه ۾ روزاني پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سالگره ملھائي وئي. سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ايچ ڊي چئنل ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي سالگره جي موقعي تي نوابشاهه ۾ صوفي فقيرن پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي دھلن شرنائين تي رقص ڪندي سالگرهه ملھائي. سالگرهه ۾ فقيرن آچر فقير، حسين فقير، امتياز فقير ۽ ٻين پيرن م ڇيرون پائي دھل ۽ شرنائين تي رقص ڪري خوشيءَ ۾ جھمريون ھنيون. هوڏانهن ڪشمور ضلعي جي مڙني شھرن ۾ ٽائيم ٽي وي نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سالگرهه ملهائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ مبارڪون پيش ڪيون ويون ان موقعي تي ڪشمور ٽائيم ٽي وي نيوز ضلعي رپورٽر محمد شريف ڄامڙو، گڊو جي رپورٽر محمد علي ڪلوڙ عمران نوناري، حسين علي ڪلوڙ، سعيد نصيراڻي احمد علي سيال ارشد ڪلوڙ ۽ ٻين شرڪت ڪري سالگِرہ جو ڪيڪ ڪاٽيو ان موقعي تي پنهنجا ويچار ونڊيندي شمس الدين سولنگي چيو ته علي قاضي صاحب جي اڻٿڪ محنت ۽ بھتر ٽيم ورڪ سبب ٽائيم ٽي وي ۽ پنهنجي اخبار ڪاميابي جي بلندي تي پھچي سنڌي ميڊيا ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي سالگرهه جي موقعي تي سموري سٿ کي مبارڪون پيش ڪجن ٿيون پراميد آهيون غريب مظلوم عوام جو آواز اعلي ايوانن تائين پھچائيندا رھندا. ٻئي طرف قاضي احمد ۾ روزاني پنهنجي اخبار جي ٻين ۽ سنڌي ميڊيا جي پھرين ڊجيٽل ايچ ڊي اي چينل ٽائيم نيوز جي پھرين سالگره جي حوالي سان قاضي احمد جي سياسي، سماجي ڌرين، وڪيلن، فنڪارن، شاعرن، معززين پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز کي سنڌ جي بھترين اخبار ۽ ٽي وي قرار ڏنو آھي. ان سلسلي ۾ ڀلوڙ قومي شاعر مھر ڊٻائي چيو آھي ته ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجي جاءِ والاريندڙ ۽ پنهنجي حيثيت مڃائيندڙ سنڌي اخبار پنهنجي اخبار ۽ يقينن جس لهڻي سندس ٽيم جن جي محنتن ۽ سچائي سان ڪم ڪرڻ جي جذبي جي ڪري سنڌ جي وڏين اخبارن ۾ شمار ٿي چڪي آهي.