ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ لياقت آباد ۾ پنج ماڙ عمارت غير قانوني طور ٺاهڻ خلاف درخواست تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. عدالت چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي ٻڌايو وڃي ته غير قانوني عمارتون ڪيرائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ ڪالهه ٻڌڻي دوران جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي پتو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڇا ڪري رهي آهي؟ شهر ۾ عمارتون ڊهي پٽ پئجي رهيون آهن پر ايس بي سي اي جا آفيسر پئسا ٺاهي رهيا آهن ۽ شهر کي تباهه ڪري رهيا آهن. عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پنهنجن انسپيڪٽر وٽ گاڏيون ڏٺيون آهن، اهي ڪٿان اينديون آهن؟ ڇا اوهان ڪڏهن پنهنجن ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي؟ عدالت چيو ته ائين نه ٿئي جو رمضان شريف ۾ عمارتون ڊاهڻ جا حڪم جاري ڪريون. جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان شهر ڏٺو آهي ڪيتريون عمارتون ٺهي ويون آهن؟ ان موقعي تي ايس بي سي اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته ڪو به ڪم نه ٿي رهيو آهي، عمارتن مٿان عمارتون ٺهي رهيون آهن. عدالت ايس بي سي اي جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا اوهان وٽ انگ اکر آهن، شهر ۾ ڪيتريون غير قانوني عمارتون آهن؟ ڇا اوهان جا آفيسر پنهنجن آفيسن مان نڪري شهر کي ڏسن ٿا؟ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان جا آفيسر ملي ڀڳت سان اهو سڀ ڪم ڪندا آهن، اوهان پهريان عمارت ٺهڻ ڏيندا آهيون ۽ پوءِ واويلا ڪندا آهيو، عدالت چيو ته بجلي ۽ گيس جا ڪنيڪشن ختم ڪرڻ لاءِ به 15-15 سال لڳائي ڇڏيو ٿا، هڪ هڪ پورشن ( گهر جو حصو ) 60 کان 70 لک رپين ۾ وڪرو ڪيو ويندو آهي. عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان وضاحت طلب ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته غير قانوني عمارتون ڊاهڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ درخواستگذار پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته لياقت آباد ۾ غير قانوني اڏاوت ٿي رهي آهي، ڪير به پڇڻ وارو ناهي، ايس بي سي اي ۽ ٻيا عملدار پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن.