سيوهڻ (ن پ ا) سيوهڻ وين حادثي ۾ فوت 21 ڄڻن جا وارث رات دير سان ڪيس داخل ڪرائڻ سيوهڻ ٿاڻي تي پهتا. ان موقعي تي صدام حسين ڦلپوٽو جي فرياد تي سيوھڻ ٿاڻي تي وين حادثي جي ھڪ ٻي ايف آء آر داخل ڪئي وئي، جنھن ۾ اين ايڇ اي جي 4 ۽ موٽروي پوليس جي 2 عملدارن سميت 6 ڄڻن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي. جوابدارن ۾ ڊائريڪٽر اين ايچ اي ڏکڻ عبدالقدوس شيخ، ڊپٽي  ڊائريڪٽر ذوالفقار شيخ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اخلاق حيدر شاهه، انسپيڪٽر عابد حسين شاهه، جڏهن ته موٽروي پوليس جي ڊي ايس پي اسرار علي ۽ انسپيڪٽر ساجد شاهه شامل آھن. فريادي ڄاڻايو آهي ته 17 نومبر تي پيش آيل ھي واقعو ڄاڻايل ٻنهي کاتن جي عملدارن ۽ اھلڪارن جي غفلت سبب پيش آيو، جنهن سبب 21 گھر ڀاتي فوت ٿي ويا. هنن چيو ته اين ايڇ اي ۽ موٽروي پوليس پاران پاڻي واري ڪٽ واري ھنڌ نيشنل ھاء وي روڊ تي روڊ جي تعميري ڪم يا ڪٽ بابت آگاهي لاءِ ڪو به اپاءُ ورتل نه هو. جنهن ڪري ھي واقعو پيش آيو. زبير خان، سردار غلام حيدر، نظير احمد، دادن، ايڊووڪيٽ مجاھد حسين، شاھد حسين ۽ ٻين چيو ته واقعي جي ٻئي ڏينھن تي سيوھڻ ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي ايف آء آر بنا وارثن جي درج ڪئي وئي جيڪا اسان رد ڪريون ٿا ۽ ھن  ايف آء آر ۾ اسان موٽروي ۽ اين ايڇ اي جي ڄاڻايل آفيسرن جا نالا داخل ڪرايا آھن ۽ ھاڻ عدالت سڳوري مان  اميد ٿا ڪريون ته اسان جي 21 شھيدن جو خون رائگان ڪرڻ نه ڏيندي ۽ ڄاڻايل ادارن جي آفيسرن کي سزا ڏيارڻ ۾ وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.