ڏوڪري (ن پ ا) سيڪريٽري تعليم ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪيل وزير علي منگي جو آرڊر ڪينسل ڪري ڇڏيو آهي.10 آڪٽوبر تي جاري ڪيل آرڊر ۾وزير علي منگي کي 17 هين گريڊ جو ڄاڻايو ويو هو، جڏهن ته استاد 18 هين گريڊ ۾ آهي،اسڪول انچارج وزير سولنگي آرڊر ۾ ٽيڪنيڪل فالٽ هئڻ جو جواز ڄاڻائي وزير منگي کي چارج ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو.ڏوڪري هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستري واري ڪرسي تي ڇڪتاڻ واري خبر پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز تي پڻ نشر ٿي هئي.هوڏانهن تعليم کاتي وزير منگي جو آرڊر ڪينسل ڪري ڇڏيو آهي. وزير علي منگي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 18 هين گريڊ ۾ آهيان، تعليم کاتي پاران جاري ڪيل آرڊر ۾17 هون گريڊ ڄاڻايو ويو هو، ٽريزري وارن ان تي اعتراض اٿاريو هو، بعد ۾ سيڪريٽري پاران آرڊر ڪينسل ڪيو ويو آهي.