جوهي (ن پ ا) چاچي هٿان اغوا ڄاڻايل عورت کي چئن سالن بعد پوليس بازياب ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ڪاڇي جي پٽ گل محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ جلب ديرو ۾ چار سال اڳ مبينا اغوا ٿيل مسمات شاهدا لغاري کي پٽ گل محمد پوليس ضلعي سانگهڙ جي تعلقي شھدادپور سرهاڙي اسٽيشن  مان بازياب ڪرائڻ جي دعوا  ڪئي آھي. پوليس هڪ جوابدار حمزو لغاري کي گرفتار ڪري ورتو آھي. چار سال اڳ ناري جي امڙ مسمات حڪيمان لغاري جي فرياد تي پٽ گل محمد ٿاڻي تي ايف آء آر داخل ڪرائي وئي هئي. عورت شاهدان لغاري جي شادي جوهي لڳ ڳوٺ ٻاجهي خان لغاري واسي علي اڪبر لغاري سان شادي ٿيل هئي. علي اڪبر لغاري جي شاهدان لغاري سان ٻي شادي هئي علي اڪبر لغاري روزگار سانگي سعودي عرب ترسيل هو عورت ڳوٺ جلب ديرو ۾ مائٽن ۾ ترسيل هئي جتان مبينا اغوا ٿي وئي هئي، ٻي پاسي پٽ گل محمد پوليس عورت ۽ جوابدار کي جوهي ٿاڻي تي وٺي آئي. عدالتي ٽائيم ختم ڪرڻ جي انتظار ۾ عورت ۽ جوابدار کي ميڊيا کان پري رکيو ويو . پوليس ذريعن موجب پٽ گل محمد پوليس عورت ۽ اغوا ڪندڙ جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران راڄوڻي ٺاھ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھي. عورت ۽ جوابدار کي عدالتي وقت هجڻ باوجود به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو. جوهي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او پٽ گل محمد نور محمد گوپانگ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار حمزو لغاري چار سال اڳ پنهنجي ڀائٽي شاهدان لغاري کي  کپائڻ جي ارادي سان اغوا ڪري ويو هو، سرهاري اسٽيشن جي سرڪاري ڪواٽر تي ڇاپو هڻي عورت شاهدان لغاري کي بازياب ڪرائي جوابدار حمزو لغاري گرفتار ڪري ورتو آھي اڄ عورت کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. عورت جي مامي نور محمد لغاري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته حمزو لغاري ڏوهاري قسم جو ماڻھو آھي 20 سال جيل ڪاٽي آزاد ٿي آيو آھي.