سينيٽر ايوب آفريدي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، شوڪت ترين کي سينيٽر بڻائڻ جو امڪان

0
221
سينيٽر ايوب آفريدي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، شوڪت ترين کي سينيٽر بڻائڻ جو امڪان

ڪراچي(م ڊ) ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين کي سينيٽر بڻائڻ جو رستو کُلي ويو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر ايوب آفريدي پنهنجي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن کي سينيٽ چيئرمين منظور ڪري ورتو

سينيٽ سيڪريٽريٽ ايوب آفريدي جي سيٽ خالي قرار ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن بابت اليڪشن ڪميشن کي به آگاهه ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن 30 ڏينهن اندر خالي ٿيل سيٽن تي چونڊون ڪرائڻ جو پابند آهي

 ذريعن جو چوڻ آهي ته ايوب آفريدي کي وزيراعظم جو اوورسيز صلاحڪار مقرر ڪيو ويندو، ايوب آفريدي چيو ته هن پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم کي جمع ڪرائي ڇڏي پر گڏيل اجلاس سبب انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ويو، منهنجي سينيٽ جي سيٽ وزيراعظم جي حوالي ڪئي وئي ۽ هن خوشيءَ سان واپس ڪئي، وزيراعظم کي ذميواري نه ڏيڻ تي ڪو اعتراض ناهي، جيڪڏهن وزيراعظم کيس موقعو ڏنو ته هو قوم ۽ ملڪ جي ضرورو خدمت ڪندو