سيتاروڊ (ن پ ا) سيتاروڊ جي سينئر صحافي منور علي سولنگي جو والد علي اڪبر سولنگي اوچتو دل جو دورو پوڻ تي فوت ٿي ويو. علي اڪبر سولنگي پورهيت ۽ جاکوڙي انسان هو، جنهن پورهئي کي عيب نه سمجهي اولاد کي اعلي تعليم تائين پهچايو. سندس مرتئي تي شھر ۾ ڏک جي لهر ڇائجي وئي. صحافتي لڏي سميت علائقي جي سياسي سماجي ۽ مختلف مڪتبئه فڪر جي ماڻھن ڏکويل خاندان سان تعذيت جو اظهار ڪيو آهي.