سيتاروڊ (ن پ ا) سيتاروڊ ۾ نيشنل بينڪ جي امڪاني بندش خلاف سيتاسرجڻهارفورم پاران احتجاج جو سلسلو جاري آھي۔ ڪالھ به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ فورم جي سرواڻ مشهورميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾  پروفيسر غلام مصطفي  سمون، امام علي سمون، قمرالدين چهواڻ ، رانا سرفراز راجپوت ،  شهزاد ميمڻ، شيراز علي سمون ، آصف خانزادو ، غلام مرتظي سومرو ،  ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اڳواڻن چيو ته نئشنل بئنڪ برانچ سيتاروڊ بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي بئنڪ کي تباه ڪندڙ اسٽاف ڪڍي محنتي عملو مقرر ڪري  پينشرن ۽ حاضر سروس ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي۔