دادو ( رپورٽر ) بلاولي تحريڪ جي سرواڻ انقلابي اڳواڻ عالم دين شهيد مخدوم بلاول جو 515 هون عرس مبارڪ سندس آخري آرامگاھ تي نهايت عقيدت ۽ احترام سان اڄ  ملهايو ويندو. ٽيهپري نماز بعد  حضرت شهيد مخدوم بلاول جي مزار تي خطيب جامع مسجد مخدوم بلاول علامه محمد ابراهيم سيال ، متولي دوست محمد پيرزادو ۽ خدمتگار احمد يار خان پنهور سميت مخدوم بلاول جي مريدن ۽ معتقدن پاران چادر چاڙهي عرس جي تقريبات جي شروعات ڪندا ، بعد ۾ مذهبي اجتماع ٿيندو جنهن ۾ سنڌ جا مشهور عالم دين ۽ نعت خوان شرڪت ڪندا جيڪي شهيد مخدوم بلاول جي زندگي تي روشني وجهندا ، ان موقعي تي پوليس پاران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.