اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران آرمي چيف کي ملاقات جو پيغام، جنرل عاصم منير ملاقات کان انڪار ڪندي چيو آهي ته سياستدان پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪن، آئون سياست ۾ مداخلت نه ڪندس. آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي ڪاروباري برادري سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، آرمي چيف ۽ ناڻي واري وزير گذريل ڏينهن پاڪستان جي ٽاپ ڪاروباري برادري سان ملاقات ڪئي، ناڻي وزير ملاقات ۾ آءِ ايم ايف پروگرام تي بريفنگ ڏني ۽ آرمي چيف ڪاروباري شخصيتن کي اعتماد ڏياريو. ذريعن موجب ملاقات ۾ وڌيڪ معاشي صورتحال تي گفتگو ڪئي وئي،جڏهن ته ڪجهه سياسي معاملا به بحث هيٺ آيا، اسحاق ڊار مستقبل جي معاشي امڪانن تي انگ اکر ٻڌايا. ذريعن موجب آرمي چيف ڪاروباري برادري کي پيغام ڏنو ته مسئلا ضرور آهن پر پاڪستان ۾ سڀ خراب ناهي، گڏجي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍنداسين ۽ آخر تائين وڙهنداسين. ناڻي وزير ڪاروباري برادري کي يقين ڏياريو ته آءِ ايم ايف سان جلد اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو، جون ۾ اسان آءِ ايم ايف جو هي پروگرام مڪمل ڪنداسين، پوءِ ايندڙ معاشي حڪمت عملي جي حوالي سان پنهنجا آپشنز ڏسنداسين، آءِ ايم ايف جو ماضي ۾ ايترو سخت رويو ڪڏهن ناهي رهيو، جيترو اڄ آهي، هن وقت آءِ ايم ايف پروگرام ذريعي پاڪستان کي مجبور ڪيو پيو وڃي، سخت کان سخت شرط مڃرايا پيا وڃن، چين کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هئي ان ڪري چين کان پاڪستنا کي فوري طور ڊپازٽس ملي ويا، پر آءِ ايم ايف جي اسٽاف ليول معاهدي سان گڏ ٻين دوست ملڪن، عالمي ادارن کان به پيسا ملي ويندا، جنهن بعد صورتحال بهتر  ٿي ويندي. ذريعن موجب آرمي چيف ڪاروباري برادري کي اعتماد ۾ ورتو ته دوست ملڪن طرفان سيڙپڪاري به ٿيندي، ملڪي بهتري لاءِ زراعت ۾ جوائنٽ وينچرز ذريعي سڌارا ايندا، جنهن سان ملڪ جي فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو حل ٿي ويندو. ذريعن موجب ملاقات ۾ آرمي چيف عمران خان جي ملاقات جي خواهش ۽ پنهنجي جواب بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آرمي چيف واضح ڪيو ته آئون سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندس، سياسي قيادت پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪري، آرمي چيف جنرل عاصم منير اهو به ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان مون سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي هئي ۽ پيغام موڪليو هو پر منهنجو جواب اهو ئي هو ته آرمي چيف طور منهنجو اهو ڪم آهي ته سياستدانن سان ملاقات ڪريان؟ آرمي چيف چيو ته عمران خان مون سان ملڻ پئي چاهيو پر منهنجو پيغام اهو هو ته سياستدان پاڻ ۾ ويهي سياسي مسئلا حل ڪن، فوج سياست ۾ مداخلت نه ڪندي، ڪوبه سياسي ڪردار ادا نه ڪندي.