لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته چيئرمين عمران خان ڪڏهن به آرمي چيف يا سندس نمائندي سان ملاقات جي درخواست نه ڪئي آهي ساڳي ريت صدر عارف علوي به چيئرمين پي ٽي آءِ سان آرمي چيف جي شهباز شريف سان ملاقات جي تجويز جي ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي. هن چيو ته ان باري ۾ اڳڪٿيون بيبنياد آهن.