گوجرانوالا (م ڊ) گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ اي ٽي سي جي جج رانا زاهد اقبال خان جاري ڪيا. عدالت پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته رانا ثناءُ الله کي گرفتار ڪري 28 مارچ تي پيش ڪيو وڃي. واضح رهي ته 24 فيبروري تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت گجرات جي ٿاڻي انڊسٽريل ۾ داخل هڪ ڪيس ۾ وفاقي گهرو وزير جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا ۽ پوليس کي کيس 7 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. اڄ رانا ثناءُ الله طرفان سندس وڪيل ايڊووڪيٽ عبدالماجد عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪندي چيو ته رانا ثناءُ الله سرڪاري مصروفيتن سبب عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي، هو ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿي ويندو. عدالت درخواست رد ڪندي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. واضح رهي ته رانا ثناءُ الله خلاف 5 آگسٽ 2022 ۾ ق ليگ جي مقامي اڳواڻ شاهه ڪاز اسلم جي فرياد تي دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو.