ٺٽو/جاتي (نمائندن وٽان) ٺٽي ۽ جاتي ۾  سيءَ جي سٽ نه سهندي 3 معصوم ٻارڙا  جھٽڪي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي فوت، گهر ۾ ڪهرام، ان ڏس ۾  ٿڌ ۾ اضافو ٿيندي ئي سيءَ جي سٽ نه سهندي يونين ڪائونسل جھمپير جي ڪوهستاني پٽي جي ڳوٺ سائيڏنو جاکرو۾ 2 معصوم ٻارڙيون، محمد انور جاکرو جي معصوم ڀاڻج ۽ پورهيت حبيب الله جاکرو جي 3 ورهين جي معصوم نياڻي آصفه جاکرو جھٽڪي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي فوت ٿي ويون آهن، ٻي طرف جاتي ويجھو ڳوٺ جڙيو ٿهيمور ۾ 12 ورهين جو نينگر زبير احمد ولد حبيب الله ٿهيمور سخت بخار ۽ سيءَ لڳڻ سبب غربت سبب علاج نه ڪرائي سگهيو ۽ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، نينگر جي فوتگي بعد وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا، علائقي ۾  سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي، ٻي طرف علائقي واسين موجب ته ٿڌ ۾ اضافي سبب ڪيترائي ماڻهو بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، صحت کاتي ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن، علائقن ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪليون وڃن.