اسلام آباد: نادرا ملازمن جي ملي ڀڳت سان افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻجو انڪشاف ٿيو آهي، پ پ سينيٽر بهره مند تنگي چيو ته افغاني شهري 30 سالن کان پاڪستان ۾ موجود آهن، 30 سالن ۾ ڪا اهڙي پاليسي نه آئي آهي جنهن سان سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي سگهن، جيڪڏهن انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهي رهيا آهن ته 7 لک کان وڌيڪ افغاني ڪي پي ڪي ۾ ڪيئن آيا؟ گهرو معاملن جي مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو چيو ته نادرا ملازمن جي ملي ڀڳت سان ڪجهه افغانين جا ڪارڊ ٺهيا جيڪي رد ڪيا ويا، 43 نادرا ملازمن کي ملازمت مان ڪڍيو ويو، 8 هزار کان وڌيڪ شڪي سڃاڻپ ڪارڊن جي تصديق ٿي رهي آهي،