جاتي: فشر فوڪ فورم جي مرڪزي اڳواڻ نور محمد ٿهيمور پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته فوت ٿيل نينگر زبير احمد جو پيءُ  حبيب الله ڪجھ ڏينهن کان سمنڊ ۾ ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ ويل آهي، جڏهن سندس چاچو سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪندي ڪجھه سال اڳ ڀارتي بارڊر تي سيڪورٽي هٿان پڪڙيل آهي، جيڪو ڀارتي جيل ۾ قيد ڪاٽي رهيو آهي، جنهن ڪري غريب گهراڻي وٽ پئسا نه هجڻ ڪري علاج نه ڪرائي سگهيا  ۽  سخت سئُ بخار سبب تڙپي تڙپي فوت نينگر فوت ٿيو آهي.