ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ ) سون 200 رپيا سستو، ڊالر 159.6 رپين تي پهتل، ان ڏس ۾ سنڌ جي مختلف صرافه بازارن ۾ سون 200 رپيا لاٿ سان 109500 مان 109300 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 40 رپيا لاٿ سان 1540 مان 1500 رپين تي پهتي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 159.6، پائونڊ 220 ۽ يورو 187.5 رپين تي بيٺل رهيا.