جروار (ن پ ا) ڳوٺ حاجي محمد گبول ۾ پاڪستان ڪسان مزدور تحريڪ جي سالياني ڪانفرنس ٿي، ضلع گهوٽڪي جو سالياني ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ گهوٽڪي ضلع سان واسطو رکندڙ بي زمين هاري۽ مزدور عورت توڙي مرد وٺي تعداد ۾ شريڪ ٿيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راجا مجيب مهر، نواز جلباڻي، حاڪم گل مهر، شاهين هر، زاهده ميراڻي، علي انور چاچڙ، ممتاز عارباڻي، علي گوهر گبول، رحيم گبول خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ 90 سيڪڙو ماڻھون اهي آھن جن وٽ زمين ٿوري آھي، ايتري قدر جو اڪثريت انهن ماڻھن جي آھي، جنن وٽ گهر اڏڻ لاءِ به زمين ناهي ۽ 10سيڪڙو اهي ماڻھو آھن جنن وٽ هزارين ۽ لکين ايڪڙ زمينون آھن. انهن جاگيردارن هاڻي ڇا ڪيو آھي ته هارين کان زمينون کسي انهن غريب هارين کي بيروزگار ڪري پنهنجون زمينون سرمائيدار ڪمپنن کي ڏين پيا لکين ايڪڙ سنڌ ۾ زمينون ٻاهرين ملڪ جي ڪمپنن کي ڏنيون ويون آھن جتي اهي گاھ پوکين ٿا اهو گاهه ٻاهرين ملڪن وڃي ٿو انهن زمينن تي ابن ڏاڏن کان وٺي هارپو ڪندڙ هاري بيرزگار ڪيا ويا آھن . هن وقت زراعت تي سرمائيداري نظام ۽جاگيرداري نظام مڙهيو پيو وڃي. اڳواڻن چوڻ هو ته اسان کان پراڻي ۽جديد طريقي واري زراعت هلي ويئي آھي هن وقت اسان پنهنجي کائڻ لاء استعمال ٿيندڙ شين تي به زهر جو اسپري ڪيون ٿا جنهنڪري زهريلي خورڪ کائڻ سان ڪيترين موتمار بيمارين منهن ڪڍيو آھي.