نندو شهر (ن پ ا) نندو شھر ڀرسان جوڙي پسند جي شادي ڪري ڇڏي، تحفط جي اپيل. تفصيل موجب نندو ويجهو ڳوٺ الهورايو ملاح جي رهواسي24 ورهين جي نوجوان رانجهن پٽ عيسيٰ ۽ 22 ورهين جي ناريءَ زبيده ڌيءَ محمد صالح ملاح پسند جي شادي ڪري ڇڏي. ناري زبيده ٻڌايو ته پسند جي شادي بعد مائٽ جاني دشمن بڻجي ويا آهن، جنهن ڪري دربدريءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون. هنن دانهيندي ٻڌايو ته اسان ٻنهي جي ننڍي هوندي مڱڻي ٿيل هئي، زبيده جا مائٽ پئسن عيوض کيس هڪ پوڙهي سان پرڻائڻ چاهين پيا. ان ڪري گهران نڪري شريعت محمدي موجب نڪاح ڪيو آهي. ان کان پوءِ ڪي رشتيدار اسان کي ڪارو ڪري تحت مارڻ چاهين ٿا. اسان جي زندگي کي خطرو آهي. هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.