ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون ٻيهر 184300 رپين تي پهتو : ڊالر به 236.5 رپيا ٿي ويو ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  1000 رپين جي واڌ سان 183400 مان 184300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ  ۾ سون  9 ڊالرن جي لاٿ سان  1839 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 2200 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن ڊالر 50 پئسا واڌ سان 236  مان 236.5 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن  پائونڊ هڪ رپيو لاٿ سان  305  مان 304  ۽ يورو هڪ رپئي جي گهٽتائي سان 268 مان 267 رپيا ٿي ويا.