ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ)  اٽي، ۽ مرغي کانپوءِ گيهه ۽ کاڄرو تيل جي بحران جو خدشو، ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب هن وقت ملڪي آئل ملن وٽ گيهه ۽ تيل جا رڳو هڪ مهيني جا ذخيرا  بچيا آهن ، جڏهن ته ماهه رمضان اچڻ شرط گيهه ۽ کاڄرو  تيل جي گهرج  ۾ پڻ 20 کان 30 سيڪڙو اضافو ٿي ويندو آهي، بينڪن طرفان ليٽر آفي ڪريڊٽ نه کولڻ ۽ بندرگاهه تي پهتل سامان جي ڪليئرنس نه ٿيڻ ڪري گيهه ٺاهيندڙ ڪمپنيون پريشان آهن،  ان ڏس ۾ پاڪستان وناسپتي ايسوسيشئن جي جنرل سيڪريٽري عمر اسلم جو چوڻ هو ته  روغني تيل جو اگهه 13 مان وڌي 14 هزار مائونڊ ٿي ويو آهي، مٿان وري 3 لک 58 هزار ٽن ڪليئرنس ۾ ڦاٿل آهي،  پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ تي بيٺل 10جهازن ۾  پوڻا 2 لک ٽن مال پيل آ هي، سرڪار تڪڙا پاءَ نه ورتا ته تيل جي اگهه ۾ في لٽر تي 50 کان 75 رپيا واڌ ٿي سگهي ٿي