لنڊن(م ڊ) سڄي دنيا ۾ گليشيئرز ماهرن جي امڪان کان به تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن ۽ ان مان گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو هلندڙ صدي جي آخر تائين ڳري ويندا. اهو انڪشاف هڪ نئين تحقيق ۾ سامهون آيو آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته گليشيئرز ڳرڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ سمنڊ جي سطح ۾ واڌ موجوده اندازي کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. اها اڳ ئي ڄاڻ آهي ته موسمياتي تبديلي سبب گليشيئرز تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن، پر ان جو درست اندازو لڳائڻ تمام ڏکيو آهي. تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيئن عالمي برادري گرمي پد ۾ واڌ کي روڪي سگهي ۽ عالمي هدف حاصل ڪري وٺي تڏهن به 50 سيڪڙو گليشئرز هن دنيا جي نقشي تان غائب ٿي ويندا. تحقيق موجب ان جي ابتڙ جيئن گرمي پد ۾ ڪيترائي ڊگري واڌ ٿي آهي ته پوءِ 2100 تائين 83 سيڪڙو گليشيئرز ڳري ويندا. ان تحقيق ۾ دنيا ۾ موجود 2 لک 15 هزار گليشيئرز جو جائزو ورتو ويو.