ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 1200 رپيا مهانگو: ڊالر 227.75 رپين تي برقرار، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1200 رپين جي اضافي  سان 151100 مان 152300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 34 ڊالرن جي اضافي سان  1650 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئ طرف  ڊالر 227.75  ۽  چاندي 1570 رپين تي بيٺل رهيا، هوڏانهن  پائونڊ ڏيڍ رپيو لاٿ  سان270.5 مان 269 ۽ يورو سوا رپيو لاٿ سان  234.5 مان233.25 رپين تي پهتا هئا