ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو ڳوٺ گاھي خان ڀيو سميت 15 ڳوٺن ۾ بيٺل برساتي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي.برساتي ٻوڏ جو پاڻي بيٺل هجڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين غير آباد ٿيڻ جو امڪان آهي.برساتي ٻوڏ کي 2 مھينا گذرڻ باوجود ڊي سي ڪشمور توڙي آبپاشي کاتو پندرهن کان وڌيڪَا ڳوٺن جو پاڻي نيڪال نه ڪري سگهيا آهن. ھزارين ايڪڙن تي بيٺل سارين جو فصل مڪمل ختم ٿي ويو ۽ ايندڙ وقت ۾ ڪڻڪ جو فصل نه ٿيڻ جو امڪان آهي جنھن سبب علائقي واسين گاهي خان ٻين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڊي سي ڪشمور منور مٺياڻي فورن ڳوٺ گاھي خان ڀيو وٽان بي ايس فيڊر ڪينال ۾ پائيپ لڳرائي پاڻي نيڪال ڪرائي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.