هراري (دلچسپ نيوز) 16 زالون ۽ 151 ٻارڙن هوندي به پيرسن وڌيڪ شادين ۽ اولاد جو خواهشمند، 17 هين شادي جون تياريون شروع ڪري ڏنيون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب زمبابوي ۾ 66 ورهين جي مشيڪ نيانڊور جون 16 شاديون ٿي چڪيون، جن مان کيس 151 ٻارڙا پيدا ٿي چڪا آهن، سموريون زالون ۽ ٻارڙا هڪ ئي گهر ۾ رهندڙ آهن جڏهن ته انهن وچ ۾ ڪڏهن به ڪو جهيڙو يا تڪرار پيدا نه ٿيو اهي ، سمورا ڀاتي خوش رهن ٿا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مشيڪ نياڊور جا گهٽ ۾ گهٽ 50 ٻارڙا زمبابوي جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهندڙ آهن، جڏهن ته 6 ٻار تعليم مڪمل ڪري فوج ۾ هليا ويا آهن، 2 پٽ پوليس ۽ 11 ٻين ادارن ۾ ڀرتي ٿي چڪا آهن، 13 ڌيئرن ۽ 23 پٽن جون شاديون ٿي ويون آهن، ڪجهه ٻارڙن جي شادي جون تياريون جاري آهن. هڪ پٽ سندس نقش قدم تي هلندي 4 شاديون ڪري چڪو آهي، مشيڪ نياڊور 100 شادين ۽ هڪ هزار ٻارن جو خواهشمند آهي هن 17 هين شادي جي تياري شروع ڪري ڏني آهي، ان حوالي سان سندس چوڻ آهي ته منهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪا تنگي ناهي آئي،ڪوبه ڪم نٿو ڪريان، سمورو وقت زالن حوالي ٿيل آهي، هن چيو ته منهنجا ٻارڙا 14 فٽبال ٽيمن جي برابر آهن.