بيجنگ (دلچسپ نيوز) هاڻ لپ اسٽڪ جو تيز رفتار متبادل سامهون اچي ويو آهي جنهن کي لپ ڪارڊ جو نالو ڏنو ويو آهي. هن کي نوجوان ڊيزائنر يوروزينگ تيار ڪيو آهي.واضح رهي ته چين ۾ سوين سال اڳ عورتون اهڙي طرح جي رنگين ڪاغذ کي چپن تي ڦيريندي ان کي بطور لپ اسٽڪ استعمال ڪنديون هيون ۽ اها ايجاد به ان مان متاثر ٿي تيار ڪئي وئي آهي. جديد طريقي جي لپ اسٽڪ 1915 ۾ موريس ليواني ٺاهي هئي جنهن ۾ هينئر تائين جدتن ۽ نون رنگن کي شامل ڪيو پيو وڃي. پر چين ۾ سوين سال اڳ ياتري نالي لپ اسٽڪ استعمال ٿيندي هئي جنهن ۾ هڪ ڪاغذ تي مومي رنگ لڳايو ويندو هو.عورتون ان تي چپ رکي دٻاءُ وجهنديون هيون ۽ ان کان پوءِ سندن چپن تي روشن لهي کين رنگين بنائي ڇڏيندو هو.يوروزينگ اهڙي طرح جو هڪ سخت ڪارڊ هولڊر ۾ لپ اسٽڪ ڪارڊ رکيو جنهن کي ضرورت جي وقت ٻاهر ڪڍي سگهجي ٿو. ان کي ٻٽون جهڙي ڪارڊ مان ٻاهر ڪڍي چپن تي استعمال ڪري سگهجي ٿو.يورو موجب چيني ايجاد اڄ جي تيز رفتار دور ۾ ڪم اچي سگهي ٿي. ان کي آساني سان کيسي ۾ رکي سگهجي ٿو ۽ آفيس گهر يا سفر ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن ايجاد کي دنيا ۾ پراڊڪٽ ڊيزائننگ جي مقابلي اي ڊيزائن ،ايوارڊز ۾ پهريون نمبر انعام ڏنو ويو آهي.