نئين دهلي (دلچسپ نيوز) پالتو جانور کي ڪتو چوڻ تي جهيڙو، علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر گوروگرام جي علائقي جيوتي پارڪ ۾ واقعو پيش آيو، هڪ همراهه پاران پالتوجانورکي نالي بدران ڪتوسڏڻ تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، مالڪ جي سخت ناراض ٿيڻ ۽ گارگند ڪرڻ بعد ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، عورتن ۽ مردن لتون،مڪون ۽ ٺونشا هڻي هڪ ٻئي کي زخمي ڪيو، اطلاع تي پوليس پهچي وئي ۽ جهيڙي تي ضابطو آندو ۽ ٻنهي ڌرين مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.