نيويارڪ (دلچسپ نيوز)برقي ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني ٽسيلا ڪرپٽو ڪرنسي بٽ ڪوائن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ڪمرشل هوائي اڏام شروع ڪندڙ ڪمپني اسپيس ايڪس ۽ ٽسيلا جي سي اي او ايلون مسڪ ٽوئٽر اڪائونٽ تي ان ڳالهه جو اعلان ڪيو، ٽوئٽ ۾ هن جو چوڻ هو ته ماحولياتي تحفظ جي تناظر ۾ اسان ادائيگين لاءِ بٽ ڪوائن وٺڻ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ صارف بٽ ڪوائن جي مدد سان ٽسيلا نٿا خريد ڪري سگهن.اهو به چيو ته بٽ ڪوائن تڏهن استعمال ڪيو ويندو جڏهن اهو ماحول دوست بڻجندو.