نئين دهلي (دلچسپ نيوز) زبون حال گهر جي کوٽائي دوران مغليه دور جو قيمتي سون هٿ اچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست مهاراشتر جي ضلعي وردها ۾ ناچن نالي ڳوٺ ۾ پراڻي گهر جي کوٽائي دوران مزدورن کي خزانو هٿ آيو، مزدور ملبو اڇلائي رهيا هئا ته کين هڪ ڊٻو مليو کولڻ سان ان سون پيل هو، جنهن جو وزن ساڍا 4 سئو گرام هو، سون ۾ منڊي، ڪن ۽ نڪ ۾ پائڻ وارا زيور موجود هئا، ڊٻي مان مغليه دور جي سوني اشرفي ۽ بسڪيٽ به مليا، مغليه دور جي خزاني هٿ اچڻ واري خبر باهه جيان ڦهلجي وئي، ڳوٺاڻن جو وڏو انگ پڻ گهر ٻاهران جمع ٿي ويو،اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري پهچي گهر کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، هٿ آيل سون ۽ ٻيو سان پڻ تحويل ۾ ورتو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ستيش چاندوري نالي شخص اهو پراڻو گهر خريد ڪيو هو، ان جي نئين سر تعمير لاءِ کوٽائي ڪئي وئي ته مزدورن کي سون هٿ آيو. پوليس موجب گهر ڌڻي مزدورن کان اهو سون واپس وٺي ڇڏيو هو جنهن سبب انهن مقامي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس ٻڌايو ته هٿ آيل سون ۾ 9 قسم جا زيورشامل آهن،جڏهن ته هٿ آيل اهو خزانو قومي عجائب گهر حوالي ڪري ڇڏيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.