سوال/سروي سڄي سنڌ ۾ پاڻي جو بحران: انسان توڙي جانور اڃ وگهي تڙپڻ لڳا، فصل تباهه ٿي ويا آهن: عوام

0
404
سوال/سروي سڄي سنڌ ۾ پاڻي جو بحران: انسان توڙي جانور اڃ وگهي تڙپڻ لڳا، فصل تباهه ٿي ويا آهن: عوام

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اوهان جي علائقي ۾ پاڻي جي ڇا صورتحال آهي ؟ زرعي ۽ پيئڻ جو پاڻي ملي رهيو آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پاڻي جي شديد کوٽ آهي، زراعت ته پري جي ڳالهه پيئڻ جو پاڻي به ميسر ناهي، انسان توڙي جانور پاڻي لاءِ تڙپي رهيا آهن، زرعي پاڻي نه ملڻ ڪري فصل تباهه ٿي ويا آهن، وونئڻن ۽ ڪمند جا فصل سڙي ويا آهن، سنڌ کي فوري طور پاڻي فراهم ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي عباس جمالي ۽ پرويز خاصخيلي لکيو ته هينئر تائين لعلورائنڪ جي شاخن ۾ پاڻي پهچي نه سگهيو آهي، رزاق بجير لکيو ته ٿرپارڪر کي پاڻي کوٽ وارو علائقو چيو وڃي ٿو. ٿر کي پاڻي ڏيڻ ۾ ٿر جا چونڊيل نمائندا سنجيده ناھن. ٿر ڪول جي پاور پلانٽ مشينن کي ٿڌو ڪرڻ جي لاءِ پاڻي فرش مکي کان اچي سگهي ٿو پر ٿر جي عوام جي پيئڻ لاءِ نه ؟ هتي آر او پلانٽ ناڪاره بڻجي ويا آهن، محمد رفيق بلوچ لکيو ته قمبر تعلقي جي سمورين شاخن ۽ واھن ۾ پاڻي بجاءِ واري اڏامڻ لڳي آهي، يوسي خيرپور جوسو يوسي آبڙي يوسي گھٽھڙ ۾ سارين جي فصل جي پوکائي نه ٿي، چوپائي مال لاءِ به پاڻي ناهي،

اين اي بلوچ لکيو ته بدين کان مٿي وارن واهن ۾ پاڻي تي با اثرن جو قبضو آهي، پاڻي ڏنو وڃي، شر ڪرم ضمير لکيو ته پاڻي نه ملڻ ڪري زمينون غير آباد ٿي ويون آهن، الطاف پرويز ڀٽو لکيو ته سکر جي مٿان درياءَ بادشاھ هجڻ جي باوجود ماڻهن لاءِ پيئڻ جو پاڻي ڪونهي، سيف الله سيف لکيو ته فيض گنج ۾ ٽن نهرن ۾ پاڻي اچي ٿو باقي ڪرونڊي لاءِ پاڻي نٿو ملي، نادر ابڙو لکيو ته لاڙڪاڻي جي واهن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري جر جو پاڻي گهٽجي ويو آھي شھر ۾ 75 سيڪڙو جر  به کارو ٿي ويو آھي،جيتمال سنگهه سوڍو لکيو ته ڇاڇري جي پاسي اونها کوهه آهن. هتي جانورن جي مدد سان رسن سان ڇڪي اڄ به انهن کوهن جو پاڻي وڏي محنت سان ڪڍيو ويندو آهي . جيڪو به اڻپورو پيئڻ جيترو !!! باقي جانورن لاءِ ڪئين پورو هوندو، اهو سمجهي سگهو ٿا … هميشه جيان هن شديد گرمي جي موسم ۾ هتي ڳوٺن ۾ پاڻي اڻلڀ آهي. کوهه به سڪي ويا آهن.اياز چانڊيو، آصف چانڊيو ۽ سعيد احمد لکيو ته وارهه ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ آهي، زرعي پاڻي به اڻلڀ آهي، شاخن مان واري اڏامي رهي آھي، راز ڄامڙو لکيو ته علي بحر واھ کي اٺ ڏينهن بند ۽ اٺ ڏينهن کوليو وڃي ٿو پاڻي به واھ  ۾ پورو نٿو ڏنو وڃي، وونئڻن جي پوکي به نه ٿي سگهي آهي مند به باقي بچي آهي. رياض سولنگي لکيو ته فيض گنج تعلقي ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ آهي،

باغي مصطفيٰ سمون لکيو ته بدين ۾ پاڻي جا وارا هجڻ ڪري ڪَتي جي فضل کي ڪافي نقصان ٿئي ٿو. چيٽ جي مند ۾ ته ضلعي بدين کي پيئڻ جو پاڻي به ناهي ڏنو ويندو، ماجد پلهه لکيو ته درياهه خان مري ۽ آسپاس ۾ پاڻي آھي پر جيڪو پئسا ٿو ڏئي ان کي ملي ٿو. طارق باجڪاڻي لکيو ته اسان وٽ ڪشمور ضلعي ۾ ھن وقت گڊو بئراج جي ساڄي پاسي جي شاخن ڪئنالن ۽ واھن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي،رضا راڄپر لکيو ته راڻيپور ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ ٿي وئي آھي وونئڻن ۽ ڪمند جو فصل سڙي رهيو آهي، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته اسان وٽ ٻنگار مائينر ۾ گذريل ٽن مهينن کان پاڻي ناهي آيو، فصل ته پري جي ڳالهه پر پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته ڳڙهي خيري جا رهواسي پيئڻ توڙي زرعي پاڻي لاءِ پريشان آهن، ايم شعيب چانڊيو لکيوته تعلقي ميروخان ۾ پاڻي جي سنگين صورتحال آھي، طارق راڄپر لکيو ته سوئي گيس جي آسپاس ۾ سدا رنگ واھ ۽ ڪوٻري شاخ  ۾ گذريل 4 مهينن کان پاڻي بند هجڻ ڪري وونئڻن جي فصل جي پوکائي به نه ٿي سگهي آهي آبادگار پريشان آهن.

شهمير مهر لکيو ته اسان وٽ عمرڪوٽ ضلعي ۾ پاڻي جو وڏو بحران آھي،گلزار درس لکيو ته ٽنڊوباگو ۾ زراعت تباهه ٿي وئي آهي، پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان آهيون، عباس ٻرڙو لکيو ته ڪوٽڙي ايم سي ٻولھاڙي اسان درياءَ جي ڪپ تي ھوندي به ٽينڪر مافيا جي آسري ھلون پيا، علي حفيظ لکيو ته گمبٽ ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ آهي، محمد الهيار لکيو ته خانپور مھر ۾ فصل تباھه ٿي ويا آهن، انسانن سان گڏ جانور به پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپي رهيا آهن، غلام قادر لکيو ته تعلقي سانگهڙ جي فيڊر شاخ سميت مختلف علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي به ناھي زمينون بنجر بڻجي ويون، اصغر جمالي لکيو ته عليپور کان هيٺ پيئڻ جو پاڻي به ڪونهي، ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته اسان جي ڳوٺ نيوڇور ۾ پاڻي جي کوٽ  ٻن مهينن کان هلي پئي،الهڏنو راهمون لکيو ته اسان وٽ ماڻهو دلا، مٽ، بوتلون کڻي پاڻي لاءِ دربدر ٿي رهيا آهن، فيض احمد لکيو ته انڙ شاخ، نصير شاخ ۽ بيگاري شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، پوکي متاثر ٿي آهي، خدا ڏنو شورو لکيو ته ميرپورخاص يوسي جهلوري ۾ پيئڻ جو پاڻي ناهي، سنهڙو شاخ ۾ مهيني ۾ صرف هڪ ڀيرو سو به گهٽ پاڻي آيو، وونئڻن جو فيصل تباهه ويو آهي، الياس سمون لکيو ته ٺٽي جي سامونڊي پٽي ڪيٽي بندر۽ کارو ڇاڻ ۾ ھن وقت پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي، سامونڊي پٽيءَ مان لڏ پلاڻ ٿي رهي آهي،

خاموش خليل شر لکيو ته ميرواهه ۽ فيض گنج واهن تي هٿرادو پاڻي جي کوٽ جي ڪري اسان جا فصل تباھ ٿي ويا آھن، محمد الياس شر لکيو ته ڪوٽ غلام محمد ڊينگاڻ شاخ مھينو سڄو بند رھي ٿي، اسامه سنڌي لکيو ته گهوٽڪي ۾ صرف شاخ آلي ٿي ايترو پاڻي ڏنو ويو، شيراز چانگ لکيو ته ڳوٺ مٺو خان چانگ، ٽنڊو غلام حيدر. اسان وٽ جاڙڪي شاخ ۾ گذريل سال جي نومبر کان پاڻي ناھي آيو، ظهور خاصخيلي لکيو ته ڪڍڻ شهر ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، خان زرداري لکيو ته نوابشاهه ۾ 15 ڏينهن بعد پاڻي ايندو آهي، ساگر علي رضا ۽ قادر ڀٽي لکيو ته سجاول ۾ پاڻي کوٽ آهي، شهاب جتوئي ۽ سمير احمد لکيو ته اسان جي ڳوٺ پريو جمالي ۽ ڳوٺ غلام محمد جمالي جوهي ۾ پيئڻ جو پاڻي به ناهي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته مٺي ۾ پاڻي لاءِ پريشان آهيون، علي بخش شر لکيو ته شڪارپور ۾ مسڪين غريبن جون زمينون غير آباد پيون آهن پاڻي جو بحران وڌي ويو آهي، شاهزيب وزير سولنگي لکيو ته ضلعي نوشهرو فيروز يوسي دليپوٽا سيڙها مائينر ۾ ڪجھه ڏينهن کان پاڻي ناهي آيو،

غلام محمد ميرجت لکيو ته ٽنڊوآدم ۾ پاڻي ناهي، بشير ميراڻي لکيو ته تعلقي ميرپور بٺورو ۾ زرعي پاڻي ته آهي پر پيئڻ جو ناهي، عبدالقدير شر لکيو ته تعلقي سنڌڙي ۾ مٺڙائو ڪئنال فل وهي رهيو آهي پوءِ به واٽر ۽ شاخون انتظاميا لٽي ڇڏيون آهن جنهن جي ڪري زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، عامر جوڳي لکيو ته مرزاپور ۽ ڀرڀاسي ۾ وارهه، دادو، رائيس ڪئنال ۾ به پاڻي جي سخت کوٽ آهي، محمد اڪرم لکيو ته اوٻاوڙو دلوارو واهه ۾ پاڻي اڃا ناهي پهتو، صفدر علي هاليپوٽو لکيو ته سيد مراد علي شاھ جي پنھنجي تڪ سيوھڻ ۾ پيئڻ جي لاءِ پاڻي جو ڍڪ ناھي،  خادم حسين چانڊيو، نادر سيال، جنيد جمالي، منيش واسو، نالي مٺو نهڙي، عثمان علي جتوئي، راجا مهر، عبدالستار بلوچ، محمد نواز، سيف الرحمان مري، محمد نوا زچانڊيو،انجنيئر اسد مهر، ممتاز سميجو، شيراز چانگ، شهزاد ملاح، زبير ميمڻ، اسماعيل خان خلجي، موهن لال، فضل سبزوئي، شنڪر باغي، انور عباسي، ممتاز ڪنڀر، آسودومل لوهاڻو، ممتاز مهر، وحيد ڄامڙو، علي اڪبر، ساجن پرمار، صدام سنڌي، عابد ڀٽي، فاروق ساجد، ممتاز علي لاکو، مجيب الرحمان، خالد نوتڪاڻي، اي بي راڄو، علي اصغر گيڙانو، صدام حسين انڙو، شبير احمد سهتو،محمد سائم، اشفاق چانڊيو، عبدالرحمان چانگ، محمد صديق، سنتوش ڪمار، ياسر کٽياڻ، عامر حسين، احمد رضا کهاوڙ، سليم اختر، غلام الله شر، سيف الرحمان بلوچ، قربان ميراڻي، لالا عمران فاروقي، نجف بلوچ، عبدالغفور سيال، مظفر بوزدار، مير ڌڻي بخش نصيراڻي، اسلم سومرو ۽ ٻين پڻ سروي ۾ حصو ورتو ۽ پاڻي جي کوٽ جون دانهون ڪيون.