پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي موقعي تي سموري پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، فوج طلب

0
214
پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ

اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي موقعي تي سموري پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آھي، اسلام آباد ۾ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

وفاقي گهرو کاتي ريڊ زون جي سيڪيورٽي لاءِ فوج کي طلب ڪري ورتو آھي، ذريعن موجب ايوان صدر، وزيراعظم هائوس ۽ سُپريم ڪورٽ سوڌو ريڊ زون ۾ موجود عمارتن جي سيڪيورٽي لاءِ فوج مقرر هوندي

 حڪومت پنجاب کان اسلام آباد ويندڙ سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا، ڊي چوڪ سوڌو ريڊ زون ڏانهن ويندڙ رستا ڪنٽينرز رکي سيل، ٽرانسپورٽرز کي مارچ ۾ شامل ٿيندڙن کي گاڏيون نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان مارچ جي بهاني سان گهرو ويڙهه جي سازش ڪري رهيو آهي، ھن چيو تھ گاريون ڏيندڙن هاڻي گوليون هلائڻ شروع ڪيون آهن، خوني مارچ جا اعلان ڪندڙن کان حساب ورتو ويندو

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڇاپن سان نواز ليگ جو اصل چهرو وائکو ٿي ويو آھي

نواز ليگ جي اقتدار ۾ اچڻ سان سندن فاشسٽ فطرت ظاهر ٿي ويندي آهي، ھن چيو تھ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپن سان حڪومت جي هينڊلرز بابت پڻ سنجيده سوال پيدا ٿيا آهن

ھي به پڙھندا

حڪومت پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي هر صورت ۾ روڪڻ جو فيصلو ڪري ورتو