سوال/سروي بلوچستان جي تباهي مان سنڌ سرڪار سبق سکي، بچاءَ بند ڪمزور آهن،فوري مرمت ڪرائي وڃي، ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪريو: عوام

0
203
سوال/سروي بلوچستان جي تباهي مان سنڌ سرڪار سبق سکي، بچاءَ بند ڪمزور آهن،فوري مرمت ڪرائي وڃي، ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪريو: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته بلوچستان ۾ برساتي ٻوڏ: سنڌ ۾ تباهي کان بچڻ لاءِ حڪومت کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ بچاءَ بندن جي موجودھ حالت کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته بچاءُ بند هن وقت تمام گهڻا ڪمزور ٿي ويا آهن، بندن جي نئين سر مرمت ڪرائي شهرن کي وڏي تباهي کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ بلوچستان جهڙن حالتن جو امڪان آهي، سنڌ سرڪار کي بلوچستان ۾ ٿيل تباهي مان سبق سکڻ گهرجي، برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، اڳواٽ حفاظتي اپاءَ ورتا وڃن، ڪچي جي ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي، برساتي نالن جي صفائي ڪرائي وڃي شاخن جي به کاٽي ٿي وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مظفر سهتو لکيو ته  بچاءُ بند هن وقت تمام گهڻا ڪمزور ٿي ويا آهن، 2010 واري ٻوڏ کانپوءِ مرمت نه ٿيڻ سبب مٿان وري هنن موجود برساتن بچاءُ بند کي انتهائي نقصان پهچايو آهي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته وقائتو قدم کڻي، بندن جي نئين سر مرمت ڪرائي شهرن کي وڏي تباهي کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ بلوچستان جهڙن حالتن جو امڪان آهي، گل حسن شر لکيو ته  گل حسن شر لکيو ته بند ڪافي ڪمزور ٿي ويا آھن تازي برسات سبب بندن کي ھنڌان ھنڌان گھارا پئجي ويا آھن،

صدام پيرزادو لکيو ته بلوچستان ۾برساتي ٻوڏ جيڪا تباھي آندي ۽ جيڪي بي يارو مددگار ويٺل آهن انهن جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪو به نه آهي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد جيڪي ھن وقت تائين ڪچي واري علائقي ۾ آھن انھن کي با حفاظت پڪي طرف آڻين انهن جي کاڌ خوراڪ لاءِ قدم کنيا وڃن، جيت جڻي ڊينگي مڇر کان بچاءَ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن، بچاءَ بند جي صورتحال برسات جي ڪري ھن وقت انتھائي خراب آهي ان جي وقت سر مرمتي ڪم ھنگامي بنياد تي تيز ڪيو وڃي ان کانپوءِ شھرن ۾ ڊرينِج جي سسٽم کي درست ڪري عملي کي الرٽ رکيو وڃي جيئن برسات دوران روڊن تي تلاءَ جو ڏيک ڏيندڙ پاڻي جلد نيڪال ٿي سگهي، عاشق حسين لکيو ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ڪچي مان پڪي طرف آبادين کي منتقل ڪيو وڃي اتي سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن، شنڪر لال لکيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته بروقت بندن جي مرمت ڪئي وڃي، جيئن گهڻي نقصان کان بچي سگھجي ٿو، پر حڪومت ھن معاملي کي سنجيدگي سان نه ٿي وٺي. محمد حنيف لکيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هن مصيبت ۾ عوام جي ڀرپور مدد ڪرڻ گهرجي،

سليم رضا جمالي لکيو ته برساتن بلوچستان ۾ خطرناڪ تباهي آندي آھي هزارين جانور لڙھي ويا آھن ڪيئي انسان لڙھي ويا آھن،خدارا ! بلوچ به انسان آھن هن ڏکئي وقت ۾ انهن جي سار سنڀال لهو، نارائڻ داس لاکاڻي لکيو ته ميرپورخاص۾ برساتي نالن جي صفائي ڪرائي وڃي شاخن جي به کاٽي ٿي وڃي ته گهڻي نقصان کان بچي وينداسين، نويد نواز لکيو ته بلوچستان ۾ آيل قدرتي ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت کي فوري حفاظتي قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن ڪچي ۾ ويٺل ماڻھو جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگهن، شاهد ڏاهري لکيو ته بلوچستان ۾ عوام جي واهر ناهي ٿي حڪومت ننڊ ستل آهي، بچاءَ بند مضبوط ناهن حڪومت قدم کڻي، انور راجا لکيو ته حڪومت کي فورن قدم کڻڻ گهرجي نه ته گهڻو نقصان ٿي ويندو، بلوچستان ۾ عوام جي واهر ناهي ٿي، علي اصغر قيصراڻي لکيو ته گهگهر ندي ۽ نيشنل هاءِ وي تي موجود گهرن کي تمام گهڻو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، گهگهر ندي تي با اثرن جا قبضا آهن، گٽر نالو پڻ بند پيل آهي، انتظاميا قدم کڻي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته سنڌ ۾ نه صفائي نه گيس نه پاڻي نه نوڪري نه زراعت هر شي تباھه آهي، سنڌ حڪومت جي غفلط ڪري سنڌ ۾ هر شهر هر ضلعي ۾ روڊ رستا ٽٽل آهن انهن جي مرمت ڪئي وڃي پاڻي برسات جو نيڪال ڪيو وڃي،

مبين اڄڻ لکيو ته سنڌ حڪومت يا ھي پي ڊي ايم جي وفاقي حڪومت مان خير جي مدد جي اميد ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته حڪومت قدم صرف ڪرپشن جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ کڻندي آهي ماڻهن جي ڀلائي لا نه. سليم رضا جمالي لکيو ته حڪومت کي فوري قدم کڻڻ گهرجي نه ته گهڻو نقصان ٿي ويندو، اياز علي راهوجو لکيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته نقصان کان پھريان ئي بندن جو جائزو ورتو وڃي ڪچي وارن علائقن مان ماڻهن کي ڪنهن سٺي جڳھه تي منتقل ڪيو وڃي اسان سيتا روڊ ۾رھندا آھيو، علي گوهر سومرو لکيو ته سڌو پاڻي گهر ۾ حڪومتي اپاءَ اهي اٿئي، لياقت علي ڀنڊ لکيو ته سنڌ حڪومت کي گھر جي ته بچاءَ بندن جو مڪمل طرح جائزو ورتو وڃي، بندن تي گھڻي کان گھڻا پٿر وڇايا وڃن بيلدارن کي الرٽ ڪيو وڃي موهن جي دڙي کان وٺي واڌا موري تائين بند ڪمزو ٿي ويو آھي، ڳوٺ ڪاراڻي ۾ به بند جي حالت بھتر ناھي فوري طور تي جائزو ورتو وڃي، علي گل شيخ لکيو ته تازي برسات سبب بندن کي ڏار پئجي ويا آهن، حڪومت کي گهرجي ته بندن جي جلد مرمت ڪئي وڃي ته جيئين ڪو نقصان نه ٿئي، عبدالوحيد چانڊيو لکيو ته تعلقو وارهه ضلعي قمبر شهدادڪوٽ اسان وٽ بند ڪافي ڪمزور آهي ايف پي بچاءَ بند سان گڏ سم نالي جا ڪپر بلڪل ڪمزور آهن تنهن ڪري زيرو پوائنٽ وارو پاڻي حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آهي،

سليم رضا جمالي لکيو ته بلوچ ڀائرن کي گهرجي ته سنڌ هليا اچن انهن جي ڏکي وقت ۾ گڏ آهيون، صابر سڪندر علي لکيو ته دولتپور صفن اسان جي شھر سان گڏ آھي بچاءَ بند  وٽان ھنڌا ھنڌا رستا ٺاھيا ويا آهن،برساتن سبب بند زبون حالت جو شڪار آھي، ممتاز علي لاکو لکيو ته الله خيرڪندو باقي اسان وارن بندن جا ڪم لٿا پيا آھن، نماڻو نوناري لکيو ته الله رحم ڪندو باقي حڪمرانن جا حال پورا آهن، سمير علي ميمڻ لکيو ته حڪمران انهي پاڻي ۾ ٻڏي مرن، سعيد خان ڏهر لکيو ته حڪومت کي فوري قدم کڻڻ گهرجي نه ته گهڻو نقصان ٿيندو سنڌ اندر جيڪي بچاءَ بند آھن انھن کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪجي. جيڪي ماڻھو ٻوڏ جو شڪار ٿيا آهن انهن جي مدد ڪئي وڃي، گلزار خشڪ لکيو ته ضلعو ٺٽو جي ڪچي آبادي ۾ رهندڙ تعلقي گھوڙا ٻاڙي ۾ رهندڙ مسڪين ماڻهن کي ٻوڙڻ لاءِ ضرور قدم کڻندي حڪومت، باقي بچاءَ لاءِ قدم نه کڻندي، عبدالستار بلوچ لکيو ته بلوچ ڀائرن کي گهرجي ته سنڌ هليا اچن، سينگار علي لکيو ته بند ڪافي ڪمزور ٿي ويا آھن تازي برسات سبب بندن کي ھنڌان ھنڌان گھارا پئجي ويا آھن،

جنيد زرين بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، ميانداد مري لکيو ته حڪومت کي فوري قدم کڻڻ گهرجي، دانش سيال لکيو ته موسميات کاتو برساتن جي اڳڪٿي ڪندو رھندو آھي ان ڪري جتي ٻوڏ جو امڪان آهي اتي حڪومت ريسڪيو ڪرڻ لاءِ تيار رھي. آفتاب سليمان لغاري لکيو ته برسات جھڙي ريت بلوچستان ۾ تباھي آندي آهي جيڪڏهن سنڌ سرڪار به وقت سر قدم نه کنيا ته اھا ساڳي صورتحال سنڌ ۾ به پيدا ٿي سگهي ٿي تنھنڪري فوري طور بندن کي مضبوط ڪيو وڃي، وحيد ڄامڙو لکيو ته ٻوڏ ۾ متاثر ماڻھن جي حڪومت ڪابه واھر ناھي ڪئي متاثر بي يارو مددگار ٻوڏ ۾ ڦاٿل آھن، ساجد حسين بلوچ لکيو ته بلوچستان ھن وقت نازڪ حالت ۾ آهي حڪمرانن جي بي ڌياني سبب اتي انساني الميي جنم ورتو آهي، اسان کي سنڌ ۾ مالڪي ڪرڻ گهرجي، ظفر رند لکيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته بچابندن سم نالن جي بندن جي وقت سر مرمت ڪرائي، طارق باجڪاڻي لکيو ته تنگواڻي شاخ ۽ ضلعي جي ڪئنالن ۾ هن وقت تائين تقريبن هڪ مهيني اندر ڏهه گهارا لڳي چڪا آهن، شيراز احمد لکيو ته ايندڙ برساتي سسٽم متعلق ڪجھه نٿو چئي سگهجي، ڪيترو نقصان ٿئي، ڇو ته لنڪ روڊز جي حالت نازڪ آھي، فصلن کي به نقصان پھچي سگھي ٿو. سنتوش ڪمار لکيو ته انتظاميا کي الرٽ رهڻ گهرجي، باغي مظھر السنڌي لکيو ته بلوچستان جي صورتحال مان سنڌ سرڪار کي سبق سکڻ گهرجي،

عرفان سيلرو لکيو ته حڪومت تياري ڇو ناهي ڪئي، عبدالحميد بلوچ لکيو ته بچاءَ بند کي هٿ سان ڪٽ هڻندا، مقبول حسين لکيو ته مورو ۾ نقصان گهڻو ٿيو آهي، فوري طور قدم کڻڻ گهرجن، حاجي خان پنهور لکيو ته انتظاميا اپاءَ وٺي، غلام رسول راهمون لکيو ته حڪومت عوامي ڀلائي نه پر ڪرپشن لاءِ قدم کڻندي، خادم پنهور لکيو ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ڪچي مان پڪي طرف آبادين کي منتقل ڪيو وڃي، وحيد مستوئي لکيو ته سنڌ سرڪار مان ڪھڙي بھتري جي اميد رکجي، بندن تي ڊيوٽي ڪندڙ عملو ناهي بندن جي مرمت نه ٿي آھي، سردار لطيف لکيو ته ٿوري برسات ٿئي ٿي گٽرن جو پاڻي گهرن ۾ اچي ٿو وڃي، الياس سمون لکيو ته اڳواٽ قدم کڻڻ گهرجن، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته سنڌ سرڪار قدم کڻي، فضل سبزوئي لکيو ته حڪومت وقت کي گهرجي ته ڪچي واري علائقن مان رھائش پزير ماڻھن کي فوري طور پڪي منتقل ڪري ھلندڙ برساتي موسم ۾ بچاءَ بند تمام ڪمزور آھن ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ،گبلو واري علائقي سنڌو ڌرياءَ جي 18 ميل وٽ پاڻي وهڪرو بند کي پائڻ لڳو آهي، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته ڪاڇي جي شهر ڊرگھه بالا سميت ڪيترن ئي شهرن جو زميني رابطو رستا ٽُٽي وڃڻ سبب گذريل هڪ مهيني کان ڪٽيل آهي هن سڄي تباهي جو ڪارڻ گاج ڊائيوريشن بند آهي، قربان ميراڻي لکيو ته حڪمران ويتر عوام جو نقصان ڪندا، فرمان چانڊيو لکيو ته هٿ سان ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي زيرو پوائنٽ کان ايم اين وي ڊرين ۽ سپريو بند جي وچ ۾ سوين ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ آبادي کي ٻوڙائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.