اليڪشن ڪميشن جو فيصلو سراسر غلط آھي: فواد چوڌري جو رد عمل

0
230

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پاران اليڪشن ڪميشن پاران پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس بابت فيصلو ٻڌائڻ تي رد عمل ڏنو ويو آھي

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو سراسر غلط آھي

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري موجب  توهان پي ٽي آءِ جي ڪيس تي فيصلو ڪري ورتو، هاڻي ٻين پارٽيز بابت پڻ فيصلو ڪري وٺو، هاڻي نئون مر حلو شروع ٿيندو، اسان ٻڌائينداسين ته 16 اڪائونٽس به قانوني آهن

ھن چيو تھ اليڪشن ڪميشن به چيو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ناهي ٿي، پي ٽي آءِ کي اهي فنڊز سمنڊ پار پاڪستانين ڏني هئي، فرخ حبيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هاڻي پ پ ۽ نواز ليگ کان به پرڏيهي فنڊنگ جو حساب وٺي

 اسان شوڪاز نوٽيس تي جواب جمع ڪرائينداسين، پي ٽي آءِ تي پابندي جون ڳالهيون ڪندڙ مايوس ٿيا آهن

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ تي غيرملڪي فنڊنگ جو الزام ثابت، شوڪاز نوٽيس جاري، عمران خان جو حلفي بيان ڪوڙو آھي: اليڪشن ڪميشن