ڪوڙن واعدن تي آيل حڪومتون!

 

سچ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ جيترا دليل ڏئي سگھجن ٿا، ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ماڻھو ان کان به وڌيڪ دليل پيش ڪرڻ جا ماھر آھن، جي ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ وارو دليل انفرادي ھجي ته اھڙي ڪوڙ مان ڪو وڏو الميو ٿيڻ جو انديشو گھٽ ھوندو آھي پر جي اھڙو (دليل) اجتماعي طور ڪو رھبر، قائد چوائيندڙ ڳاھائيندو وتي يا ان جو بار بار مرتڪب ٿيندو ھجي ته پوءِ سماجن، معاشرن ۾ بگاڙ پيدا ٿيندا آهن، اھڙا سماج، معاشرا مھذب پڻي کان ڪوھين ڏور ھليا ويندا آهن، يا وري اھي معاشرا ان مڪتب فڪر سان سلهاڙيل انھي گروهه جي غير اخلاقي، بدڪرداري، شرانگيز، وارداتن کي ڀڳتڻ تي مجبور ۽ لاچار ھوندا آھن. اسان جي ملڪ ۾ ھونئن ته اھڙن قدرن کي ھٿي گھٽ ٿي وٺائي وڃي جنهن سان اخلاقيات، سھپ، رواداري کي هٿي ڏني وئي ھجي پر ھن ملڪ ۾جڏهن کان نئين پارٽي نئين نعري سان آئي، انصاف، قدر، ترقين جا نوان بيانيا کڻي قوم کي سبز جنت جھڙا خواب ڏيکاري، آخر اقتدار اعليٰ جو منصب ماڻي ورتو، سندن بقول خاص طور صحافي عمران رياض ته مقتدر حلقن حريف پارٽين جا ڪچا چٽا ڏيکاري ھن عظيم ڪم لاءِ تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ ڪجهه اسان خاص ملڪ جي ايماندار ۽ قابل ميڊيا جي ماڻهن کي راضي ڪري ورتو ته اسان ملڪ جي مفاد لاءِ ھنن پارٽين جي خلاف مھم  ھلايون ته جيئن عوام ۽ ملڪ اھڙن ڪرپٽ، لٽيرن کان آجو ٿي پوي پر ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي عيش عشرت الف ليلوي داستان رقم ٿيڻ شروع ٿيون، جيڪي انتھائي حيا سوز آھن، ته ڪرپشن جا قصا به ھوائن ۾ گردش ڪرڻ لڳا. عمران خان جنهن جي نه ته پنھنجي مذھب، يا ڪجھه ٻين مذھبن جو مطالعو آھي پوءِ ھمراهه اڪثر ڳالھائيندي ٻوڙ ھاريو ڇڏي پر ھڪ عام ماڻھو به روضه رسول جي حرمت کي ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو، پر ھنن پنھنجي ڪوتاهه نظر سبب ان مقدس جڳھه جي حرمت، عظمت کي به پنھنجي ذاتي خواهشن جي نظر ڪري ڇڏيو، شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميثاق جمھوريت جو دستاويز نوازشريف سان ان لاءِ سائن ڪيو ھو ته جيئن ملڪي مفاد جي ڪارونھنوار کي ھلائڻ لاءِ ڪي اصول ۽ قائدا جوڙيا وڃن، اھو سڀ ڪجھه ان تناظر ۾ ڪيو ويو ھو ته ماضيءَ ۾ ھڪ ٻئي خلاف سياسي انجنيئرنگ کان پاسو ڪجي، ڇو جو اھڙين وارتائن ڪري وقت، ناڻون خرچ ته ٿئي ٿو پر ملڪ جي بدنامي به ٿئي ٿي، ان ڪري ميثاق جمھوريت وارو دستاويز ماضي جي تجربن حالتن واقعن کي نظر ۾ رکي ھڪ ٻئي خلاف جڙتو ڪيسن جو خاتمو ۽ ٻيھر اھڙن عملن کان پاسو ڪري بھتر حڪمراني تي ڌيان ڏيڻ تي ٻڌل آھي، ھونئن به حڪمران ۽ مخالف ڌر جي بنيادي جمھوري ڪردار ڪري ئي ملڪ لاءِ هاڪاري نتيجا وٺي سگهجن ٿا. جي 220 وولٽيج سان 220 ٽڪرائجي ته تباھي ايندي، نقصان ئي ٿيندو پر جي 220 جي ٿڌي ۽ گرم پنھنجي صحيح طريقي سان ڪم ڪن ته نتيجا بھتر ھوندا. ھتي حضرت عمران احمد خان نيازي اھڙي ڪنھن به مثبت ڌارا ۾ اچڻ لاءِ تيار ناھي، يا وري کيس اچڻ ئي نٿو ڏنو وڃي.

 

منظور احمد ملاح/ڪراچي

 

ڪاڇي ۾ ٻوڏ سنڌ سرڪاري جي ڪارڪردگي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا!

 

چوندا آهن ته ٻُڏي جا ٻيڻا ٿين ٿا، بلڪل ان چوڻي موجب ڪاڇي ۾ جڏھن به مندائتن مينهن سان سُڪل ٺوٺ زمينن جا سينا ۽ پيٽ سيراب ٿين ٿا ته اهي زمينون ڪاڇي واسين جا سمورا ٿڪ ۽ سور لاهي ڇڏين ٿيون، اهي برپٽ بيابان جڏھن ڪاهجي پوکي هاريءَ يعني فصلن سان ساوڪ جي چادر اوڍين ٿا ته ڪاڇي جون اهي زمينون ڄڻ سياحتي ماڳ بڻجي وينديون آهن، سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان ماڻھو ڪاڇو گهمڻ اچن ٿا پر انهن سڀني خوشين کان پهرين برساتن کان اڳ تڪليفن کي ڏسجي ته جڏھن به هتي ڪاڇي ۾ زوردار مندائتا مينهن وٺا آهن ته سڀ کان وڌيڪ تڪليف رستا بند ٿيڻ تي ماڻھن کي پهچي ٿي ۽ ان کان پوءِ کاڌ خوراڪ جي شين جي جيڪا شديد کوٽ پيدا ٿئي ٿي، اسپتالون بند ٿين ٿيون، بيمارين ۾ ماڻھو وٺجي وڃن ٿا، جڏھن غريبن جا ڪکاوان گهر ٻوڏن جي نذر ٿين ٿا ۽ غريب پيٽ کي پٿر ٻڌي ويلا ڪاٽڻ جهڙي صورتحال کي منهن ڏين ٿا، انهن تڪليف ڏيندڙ لمحن ۾ قصور وار برسات نه پر اسان جي ناقص حڪمراني هجي ٿي، جيڪا ان مصيبت جي گهڙين ۾ نه پهرين نه وري پوءِ ڪاڇي جي ڪا به مالڪي نٿي ڪري. هر سال ڪروڙين رپيا روڊن جا فنڊز ليپس ڪيا وڃن ٿا، تازين برساتن کان پوءِ ڪاڇي ۾ آيل ٻوڏ ۾ عوام کي اها پڪ ٿي وئي آهي ته پ پ پ کي عوام سان محبت نه پر پئسي جي حوس آهي، جيڪا لکين انسانن جي زندگين جو تماشو ڏسڻ ۾ مصروف آهي. مهرباني ڪري ڪاڇي واسين تي آيل مصيبت واري گهڙي ۾ ٺٺول بجاءِ عملي ڪم ڪري عوام جي ووٽ جو قرض نه پر ڀُٽي مرحوم جو قرض ته لاهيو.

 

محمد اسماعيل لانگاهه/ ڊرگھه بالا، ڪاڇو

 

لساني ميڊيا کي ٻڏل بلوچستان ڪڏهن نظر ايندو؟

 

هونئن ته اردو يعني لساني ميڊيا تي هر معمولي خبر به مرچ مصالحن سان پنهنجي مشهوري ماڻي ٿي پر ڪڏهن ڪڏهن ميڊيا جي ٻه اکيائي تي افسوس به ٿيندو آهي. هلندڙ مون سون جي برساتن ۾ سموري سنڌ به سيلاب ۾ سٽجي وئي. برسات جي پاڻي جي نيڪال جو جوڳو بندوبست ٿيل نه هجڻ ڪري ڪافي نقصان ٿيو. اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، 2010ع واري ٻوڏ به ڪٿي وسري آهي؟ آئون تازوئي ڪوئيٽا جي ياترا ڪري آيو آهيان، بلوچستان ۾ به ساڳي حالت هئي، ڪوئيٽا جي شهر ۾ ته برسات ايڏو نقصان نه ڪيو، باقي جابلو علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي. سوشل ميڊيا تي ڏسون ٿا، سيلابي ريلن ۾ ننڍڙن ٻالڪن، نوجوانن جا لاش ايئن پيا لُڙھن، جيئن ڪي مئل جانور هجن! سوشل ميڊيا تي هر ٻئي ڏينهن اسان کي بلوچستان جي ڪنهن نه ڪنهن علائقي جون وڊيوز ۽ تصويرون ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون، جيڪي ڏسي به نٿيون سگهجن. افسوس ته اردو ميڊيا جي خاموشي تي ٿئي ٿو ۽ چونڊيل حڪمرانن تي ٿئي ٿو، جن سيلاب سٽيلن جي هن وقت تائين ڪا سار نه لڌي آهي. رب سائين شل! ٻوڏ سٽيلن تي پنهنجو ڪَرم فرمائي، آمين! سنڌ سلامت، ساٿ سلامت.

 

انجنيئر گلاب مري/ ڳوٺ گل بيگ مري، شهيد بينظيرآباد

 

منهنجي ڊائريءَ جا ورق!

 

حصو ٻيون

مان منجهس اکيون کپائي ڏسڻ لڳس، مون سندس سراپي جي آئيني ۾ 15 ورهيه اڳ واري عائشه کي پي ڳوليو. هن سان منھنجي ملاقات اتفاقي ٿي هئي جيڪا پيار جو روپ ڌاري وئي هئي. هڪ ئي ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين، منھنجي ڊائري گم ٿي وئي هئي، جيڪا هن کي هٿ لڳي هئي. غير ارادي يا ارادي طور هن ڊائريءَ جا ڪجهه ورق پڙهي ورتا هئا. ٻئي ڏينھن پيرڊ اٽينڊ ڪري جيئن ڪلاس روم مان ٻاهر پي نڪتس، هن پويان سڏ ڪيو، مڙي ڏٺم، عائشه هئي. مُرڪي چيائين، “گل.! توهان جي ڪا شي گم ٿي وئي آهي؟” ها، وڃائي ته اٿم.” “ڇا وڃايو اَٿوَ؟” سھيڙيل اُڌمن کان سواءِ اسان وٽ ڪھڙي قيمتي شيءِ ٿي سگهي ٿي؟ ها، هي وٺو پنھنجي ڊائري. هن هلڪي ٽھڪ سان هٿ وڌائي ڊائري ڏني. موٽ ۾ مون به رسمي جملو ورجايو. “ٿينڪس، مس عائشه.!” ڊائري ڏيڻ ۽ وٺڻ وارين مختصر ساعتن ۾ ٻنهي جون چار اکيون اٽڪيون، ته ڪئين اڻ چيون ڳالهيون، عبارتون بڻجي، دلين ۾ هُرڻ لڳيون. ايئن ڪونه هو، ته رڳو عائشه جي ڪارن ڊگهن وارن، چنڊ جي پھرين تاريخ جھڙن سنهڙن چپن ۽ خوبصورت بادامي اکين مون کي پنھنجي سحر ۾ وڪوڙي ڇڏيو هو پر عائشه جي من ۾ به ساڳي ڪيفيت هئي. اکين جي ڀرپور نگاهن ۾ قبوليت جا پيغام هئس، جيڪي نه رڳو مون پر هن پاڻ به محسوس ڪيا. ايئن پي لڳو ڄڻ ٻه روح، جيڪي ڳپل عرصي کان هڪ ٻئي جي ڳولا ۾ هئا، حادثاتي طور پاڻ ۾ ملي ويا هئا. ڪا مھل اسين ٻئي سُن ٿي، مورتين جيان هڪ ٻئي ڏانھن ڏسندا رهياسين ۽ پوءِ هوءَ ڇرڪ ڀري مون ڏانھن ڏسڻ لڳي ۽ مرڪي بنان ڪجهه چوڻ جي اڳتي وڌي وئي. هڪ ڏينھن ڪاليج مان جيئن نڪتاسين، ته هڪ هوٽل جي فيملي روم ۾ اچي ويٺاسين. ٻنھي جي چھرن تي ڳنڀيرتا هئي. شايد عائشه به اهو ئي ڪجهه پئي سوچيو، جيڪو مان سوچي پريشان پي ٿيس. هن پيٽيز کي ڇُريءَ سان ڪٽي، ڪانٽي سان ننڍو ٽڪرو وات ۾ رکيو. مون چانهه ۾ کنڊ ۽ کير پي ملايو. چانهه جو ڪوپ هن ڏانهن وڌائيندي ڏٺم، هوءَ لاڳيتو مون کي گهوري ڏسي رهي هئي. مرڪي چيم، ايترو گهوري ڇا پئي ڏسين؟ ڏسڻ مان وِرچان ئي نٿي. ان ڪري.! هن ٿڌو ساهه کڻي جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو. ”ڇا مطلب.؟”  مون ڇرڪ ڀري کيس گهوري ڏٺو. “ڏس نه، گل.! ڪاليج جي تعليم مڪمل ٿيڻ واري آهي پوءِ ته لازمي آهي، ته ملڻ جلڻ به گهٽجي ويندو.”  هن وراڻيو”ها، اهو ته مان به سوچيان پيو، پر ان جو حل به ته آهي.” ”ڪھڙو حل آهي تو وٽ، مان به ته ٻُڌان! (جاري)

 

سنڌي علي گل شيخ /مريدشاخ

 

ڇا برسات ۽ ٻوڏون صرف اسان جي ملڪ ۾ ٿيون پون!‎‎

 

اوهان نيوز چينل يا سوشل ميڊيا ڏسو ته خبر پئجي ويندي ته دنيا ۾ اسان کان وڌيڪ تباهه ڪاريون برسات جي ڪري ٿين ٿيون، شهرن جا شهر، ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ٿي وڃن ٿا ۽ وري جلدي ئي آمدرفت بحال ٿي وڃي ٿي، ڇو ته ٻين ملڪن جا ادارا عوام ۽ ملڪ سان سچا آهن، اتي ڪرپشن نه هئڻ برابر آهي، ايترين برساتن باوجود به بجلي جو بحران پيدا نٿو ٿئي ۽ اسان جي علائقي جو هڪ ننڍڙو ٽرانسفارمر به پنج ڏينهن ۾ لڳي ٿو، اهو به رڙيون ڪري چندو ڪري ! ايترا پري نه وڃو ڀر ۾ بنگلاديش کي ئي ڏسي وٺو، جتي هر سال رڪارڊ برساتون پون ٿيون پوءِ به اسان جي ملڪ کان معشيت بهتر آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ خدا هر هڪ سهولت ڏني آهي پوءِ به معشيت نٿي پاڻ سنڀالي ۽  ڏينهون ڏينهن ملڪ قرضن ۾ ٻڏندو ٿو وڃي، ان جو سبب صرف ۽ صرف بي حساب ڪرپشن آهي، مزي جي ڳالھه اھا آھي ته جن ماڻهن تي ڪرپشن جا ڪيس داخل آھن، اھي ئي بار بار حڪومتن ۾ اچن ٿا. اهڙي قسم جي ڪرپشن تي مڪمل آزادي مليل آهي، تازو پاڪستان ۾ مون سون جي برساتن پوري ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي پر بلوچستان کي تمام گهڻو جاني مالي نقصان ٿيو آهي، ايتري نقصان جي باوجود اسان جا حڪمران پنهنجيون ڪرسيون بچائڻ ۾ پورا آهن. ان ڳالھه مان ثابت ٿو ٿئي ته انهن موجوده حڪمرانن کي نه ملڪ سان پيار آهي نه ئي عوام سان، انهن کي ڪرپشن مان واندڪائي ملي ته ٻوڏ سٽيل بلوچستان ۽ سنڌ جي ماڻهن جي سار لهن پر عوام کي انهن حڪمرانن مان اميد رکڻ بدران پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻ گهرجي.

 

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

 

انتظامي نااهلي سبب لاوارث بڻيل سنڌ جا شھر!

 

سنڌ جو ھر ننڍو وڏو شھر، واھڻ ۽ وستي انتظامي نااھلي ۽ لاپرواھيءَ سبب ھر وقت لاوارثي جو احساس ٿو ڏياري. سرڪار، قانون، ادارا، انتظامي عملدار ڪٿي به توهان کي خلق خدا کي درپيش ڏکيائين مان نجات ڏيارڻ ۽ پنهنجن فرضن کي فرض سمجهي ادا ڪندي نظر نه ايندا. پر اھا ائي انتظاميا اھي ئي سرڪاري عملدار توھان کي سياستدانن جي گاڏين جي اڳيان پٺيان ھلندي انهن جي اجائي آئو ڀڳت ڪرڻ ۾ مصروف ضرور نظر ايندا، ته ڪڏهن وري اھي ايمبولينس گاڏيون جيڪي سنڌ جي مسڪين ماروئڙن کي پنھنجي پيارن جا لاش کڻڻ لاءِ ته ميسر ناھن پر اھي ايمبولينسون توھان کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندي نظر ضرور اينديون. باقي قانون ته افسوس سان لکڻو ٿو پوي، قانون رڳو روڊ تي اٻوجھه عوام کان موٽرسائيڪل جو لائسنس ۽ ڪاغذن جي جانچ پڙتال جي آڙ ۾ غريب عوام کي ايذائڻ کان بلڪل نٿو مڙي، پر اھو ئي قانون توھان کي سياستدانن جي آڏو ھٿ ٻڌي بيٺل نظر ايندو ۽ حد جي بااثرن جي بنگلن تي حاضري ڀرڻ کي پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاھي توڙي وردي جي توھين به محسوس نه ڪندو. جيڪڏهن انتظاميا وقت سر اک پٽي ته ڀلا ايئن معمولي برسات پوڻ جي صورت ۾ سنڌ جا شھر درياهن جو ڏيک نه ڏين، نه ئي مسڪين ماروئڙا رڳو ٽرانسفارمر جي مرمت ڪرائڻ لاءِ به انتظاميا جي خرچي لاءِ جھولي جھلي چندو گڏ ڪن. برساتي موسم ۾ انتظاميا رڳو ھر شھر، ڳوٺ ۾ مڇرمار اسپري ڪرائڻ کي يقيني بڻائي تڏهن به سنڌ جا ماڻهو ايئن مليريا ۾ تڙپي تڙپي فوت نه ٿين پر افسوس! عوام ڀلي ٿوري برسات پوڻ سبب گٽرن ۾ غوطا پيو کائي، برسات پوڻ کان پوءِ علائقن جا علائقا بجلي نه ھئڻ سبب گگھه اوندهيءَ ۾ ٻڏل ھجن ٿا، ماڻهو مڇرن جي آزار ۾ ڀلي پيا اونھا ساهه کڻن پر ھن رئيساڻي راڄ ۾ نااھل انتظاميا، ڪرپشن جو آمجگاهه بڻيل ادارن توڙي مڇرن جي آزار ۾ به سڪون سان ستل سرڪار کي ھنن عوام جي اھنجن سان ڪو به سروڪار ناهي. ڇاڪاڻ ته ھتي ھر ڪنهن کي عوام جي دردن جو درمان ڪرڻ نه پر اقتدار ۾ اچڻ ۽ ڪرپشن سان پنهنجا ڀڀ ڀرڻ جي اُڻ تُڻ هوندي آهي.

 

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

 

ووٽ جا حقدار‎‎!

 

بلڌياتي اليڪشن جي لڳنفڙ ووٽ اپيل وارن پينا فليڪس پمفليٽ اسٽيڪرس تي ھڪ ڳالھه ھڪ جھڙي لکيل ھوندي آھي ته اوھان جي ووٽ جو حقدار اوھان جو ھمدرد ھڏڏوکي، پر اھو ته ماڻھن کي ڏسڻو پوندو ته سندن ووٽ جو صحيح حقدار ڪير آھي؟ ڪنھن کي ووٽ ڏيون ته ڇو ڏيون؟ ڇا جي لاءِ ووٽ ڏيون؟ اميدوار جو ماضي حال ڏسي ووٽ ڏجي! نه ڏجي نه ڏجي، ووٽ ڪنھن ڪمدار کي ھرگز نه ڏجي، بجيٽون ٻھاريندڙ ڀوتار جي سھولتڪار کي ووٽ نه ڏجي.  ووٽ ڪنھن بزدل مصلحت پسند کي به نه ڏجي، ووٽ امانت آھي، شاھدي آھي، جنھن جو حقيقي حقدار پنھنجي ضمير کان پڇي ڳوليو، ووٽ ڏيڻ وقت ذات پرستي، ڀوتار پرستي کان بالاتر ٿي محسن، ھمدرد ۽ سچي ماڻھو کي عزت بخشو. سماجي ورڪر لڏي مان بيباڪ ماڻھو، بي لوث، ھمدرد ماڻھو ڏسي کين مڃتا طور ووٽ ڏجي ته جيئن چار سال پڇتاءَ جي پيڙا مان گذرڻو نه پوي. ڀلا جي ڀوتار جي سھولتڪار کي پاڻ مٿان ڏسي وائسي مسلط ڪريو ٿا ته پو چڱائي جي اميد به نه رکو. ايم پي اي، ايم اين اي ٿيڻ لاءِ وڏا خرچ ۽ طاقت گھربل ھوندي آھي، ڪائونسلر يا چيئرمين ٿيڻ ته عام ماڻھو جو وس آھي ته پوءِ ڇو ٿا طبقاتي برتري رکندڙن جا سھولتڪار بڻجو. گندگي، غلاظت کان نفرت ٿا ڪريو. صاف سٿري ماحول، گھٽين ڏسڻ جا خواھشمند آھيو، صاف پاڻي پنھنجن ٻچن کي پيارڻ ٿا چاھيو ته فيصلو اوھان جي ھٿن ۾ آھي. خدارا ووٽ وڏيرن جي سھولتڪارن کي نه ڏيو نه ڏجو، اھو به ڏسو ته بلدياتي ادارن ۾ سفيد پوش صفائي وارو ڪم چور عملي ۾ ڪنھن جا ماڻھو آھن، سڄي سنڌ جي شھرن کي گندگي جو ڍير بڻائيندڙن جي کيسي ۾ ڪنھن جون پرچيون آھن؟ گذرل بلدياتي نظام ختم ٿيڻ کان پوءِ بلدياتي ادارن مان باقائدگي سان پئسا ڪھڙي مخلوق پئي ڪڍرائي، ماڻھو سڀ ڄاڻن ٿا پوءِ جي ووٽ ڏيڻ وقت لاشعوريءَ جو مظاھرو ڪو ڪري ٿو ته انھن ماڻھن کي پڇتاءَ جو حق نه ھجڻ کپي .

 

الھڏنو راھمون/ سجاول

 

هڪ ڀيرو ٻيھر سرڪار جو عوام تي ڪيل پيٽرول بم حملو!

 

سنڌ ۾ موجوده حُڪمرانن جي غلط ۽ تڪڙن فيصلن سبب هيئنر عوام انتهائي سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪڏھن کنڊ، اٽي جو ھٿرادو بحران ته ڪڏھن تيل جي قيمتن ۾ واڌ، ملڪ جو غريب عوام جيڪو اڃا لوڙي رهيو آهي ته تن مٿان وري تيل جي قيمتن ۾ واڌ ڪري وفاقي حڪومت تيل مافيائن کي اربين رپيا منافعو ڏيڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي معاشي تنگين کي منهن ڏيندڙ ماڻھن کي مرڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. تيل جي صنعت مٿان ٻيو جنهن جو فائدو خاص طور غريب ملڪن کي ٿيو جنهن مان پاڪستان جي تيل ڪمپنين ۽ حڪمرانن ته مال ڪمايو پر عوام کي ڪو به فائدو نه پهچايو ويو. گذريل مهيني تيل جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ بعد تيل ڪمپني مافيائن حڪمرانن جي حڪم تي ذري برابر به عمل نه ڪيو، ويتر پئٽرول پمپ پوري ملڪ اندر بند ڪري عوام کي پريشان ڪيو ويو. اسان جي ملڪ جي مافيائن مٿان اعليٰ سطحي طور مڙهيل فيصلن جو نقصان صرف غريب عوام کي ڀوڳڻو پوندو آهي، اسان جي ملڪ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽ وڌائي وارا فيصلا هر مهيني جي پهرين تاريخ تي ٿيندا رهندا آهن پر هن ميهني جي پهرين تاريخ کان چار ڏينهن پهرين تيل جي قيمتن ۾ واڌ وارو تاريخي فيصلو هڪڙي ئي ڌڪ ۾ تيل جون قيمتون جڏھن گهٽجن ته به نقصان عوام کي، جڏھن تيل سستو ٿيو ته پيٽرول مافيا حڪومت جي اعلان کي کنگهيو ئي نه مورڳو پمپ بند ڪيا ويا. وزيراعظم صاحب پيٽرول پمپ مالڪن خلاف اعلان ته ڪري ويٺو ته جلد ڪارروائي ڪئي ويندي پر ان تي عمل ئي اڃا نه ڪيو ويو ته مٿان وري ڪريل قيمتون ساڳي پوزيشن تي آنديون ويون. ملڪ جي گادي واري شهر مان ٿيندڙ تڪڙا فيصلا عوام سان ڀوڳ سمجهيا پيا وڃن، جيڪو بلڪل حقيقت آهي ته آڌي رات جو فيصلا تيار ڪري عوام مٿان مڙهيا وڃن ٿا. صبح جو هڪڙا رات جو ٻيا فيصلا، عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ بجاءِ پنهنجا من پسند فيصلا ڪري ملڪي غريب عوام لاءِ ڪڏھن اٽي جو بحران، ڪڏھن کنڊ جو بحران ڪڏھن بجلي جو بُحران، ته ڪڏھن وري تيل جو بحران، آخر عوام کي ڪهڙن عملن جي سزا ڏني پئي وڃي؟ تيل جي قيمتن تي ڪنٽرول لاءِ ملڪ ۾ اوگرا نالي هڪ وڏو ادارو به موجود آهي، جنهن کي اھي اختيار پڻ ڏنل هجن ٿا، جنهن سرڪار جو وزيراعظم پاڻ بيوس هجي ان ملڪ جي مافيائن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ عوام کي پاڻ فيصلو ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جي برابر آهي، آخر عوام جي ضرورت وارين شين جي کوٽ ڪندڙ عنصرن کي ايتري ڇوٽ ڇو ٿي ڏني وڃي.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ