اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف اعظم سواتي جي اعتراض جوڳي وڊيو جاري ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جا بنياد شرفِ انساني، خانداني تعظيم ۽ چادر و چادر ديواري جي حرمت ۽ تقدس جي قدرن تي رکي ويا ويا هئا، اعظم سواتي جي گهر تائين محدود، مڪمل طور غير عوامي ۽ تهجد پڙهندڙ گهرواري کان معافي گهرڻ چاهيان ٿو ته کيس ان ڪرڀ، اذيت ۽ توهين ۽ ذلت جي اڻوڻندڙ احساس جو بار کڻڻو پيو، هن چيو ته اگهاڙو ڪرڻ، حراست دوران تشدد ڪرڻ ۽ هاڻي هڪ وڊيو ، اعظم سواتي سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو اهو عمل نهايت صدمو ڏيندڙ، ڪريل ۽ نفرت جوڳو ۽ قابل مذمت آهي، خدا ڪري ڪڏهن به ڪنهن  کي انهن سڀني مان نه گذرڻو پوي، منهنجي چيف جسٽس آف پاڪستان کي استدعا آهي ته اهو هن مامري جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي. پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر چيو ته جيڪو اعظم سواتي سان ٿي رهيو آھي ان کان وڌيڪ ظلم ڪنهن انسان سان نه ٿيو هوندو، ڇا چيف جسٽس انصاف ڪندو يا قانون ۽ انصاف جا دروازا بند آهن؟ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته رياست جا بدڪردار صرف انتقام لاءِ ڪيتري حد تائين ڪري سگهن ٿا، سوال ڪندڙ پنهنجي شهرين خلاف رياست پنهنجي بربريت ۾ ڇا ڪري سگهي ٿي ان جي ڪا حد نه آهي. اڳوڻي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پهريان بزرگ اعظم سواتي کي کڻي اگهاڙو ڪري وڊيو ٺاهي وئي ۽ هاڻي ان جي فيملي کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، بنيادي انساني حق معطل ٿي چڪا آهن.