ڪراچي (م ڊ) شهيد صحافي ارشد شريف جي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي، ارشد شريف جي مٿي ۾ ساڄي پاسي کان گولي، ٻئي گولي چيلهه جي مٿان لڳي سيني مان نڪري وئي، ٻئي گوليون ڪجهه فاصلي تان جديد هٿيار سان هلايون ويون، ڪينيا ۾ موجود وقار ۽ خرم احمد جو سفري رڪارڊ به جاچ ٽيم حاصل ڪري ورتو آهي، هلندڙ سال خرم احمد مخصوص وقت لاءِ 3 ڀيرا پاڪستان آيو، ارشد شريف ٻاهر ويو ته خرم احمد پاڪستان ۾ موجود هو، قتل جو اکين ڏٺو شاهد وقار احمد آخري ڀيرو 18 ڊسمبر 2017ع ۾ پاڪستان آيو هو.