باقراڻي (ن پ ا) ڳوٺ وڏي واهڻ جي رھواسي نوجوان محمد امين ڪلهوڙو پريس ڪلب باقراڻي آڏو احتجاج ڪندي چيو ته سهرو حبدار ڪلهوڙو، سالا عمران ۽ مختيار ڪلهوڙو منهنجي  گهرواري فوزيا کي عيد پيڪن ۾ ڪرڻ بهاني وٺي وڃي ويهاري ڇڏيو آهي.هن چيو ته سهرو چوي ته پنهنجي ڀاءُ کان الڳ ٿي ته پوءِ توکي گهر واري ڏينداسين.ڀاءُ کان ڌار ٿيڻ باوجود سهرو منهنجي گهرواري کي نه ٿو ڇڏي، گهرواري واپس ڪرائي وڃي.