رتوديرو (ن پ ا ) ڳوٺ لاشاري جي رهواسين غلام الرسول جويو، اعظم لاشاري، خالد جويو، ساجد حسين پوليس زيادتين خلاف لاشاري ٿاڻي آڏو نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو. اڳواڻن جو چوڻ  هو ته اسراڻ ذات وارن سان سڱاوتي مسئلو آهي، چار ڏينهن اڳ انيل، محسن اسراڻ، منير، نويد، جاويد ۽ سڌير احمد هڪڙو حملو ڪري ٻن ڄڻن خالد حسين جويو ۽ پرائمري استاد اعظم علي لاشاري کي زخمي ڪيو. اهڙي اين سي لاشاري ٿاڻي تي داخل ڪرائي، پوليس هڪ جوابدار نويد هڪڙو کي گرفتار ڪري رشوت وٺي ڇڏي ڏنو، جوابدارن کي گرفتار اسان سان انصاف ڪيو وڃي.