سن (ن پ ا) سن جي سرڪاري اسپتال گذريل ٻن سالن کان شھرين توڙي ڳوٺاڻن لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي. سيوهڻ_ ڄامشورو روڊ تي روزانو حادثن باوجود سهولتون اڻلڀ نه هجڻ جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي. حادثن جا زخمي ماڻهو علاج نه ملڻ ڪري اجل جو شڪار ٿيو وڃن. شهرين موجب اسپتال ۾ ڪو ڊاڪٽر موجود ناھي جڏهن ته ڪيترائي ڊاڪٽر ڊسپينسر توڙي ٻيو عملو پگھارون کڻن پيا پر اسپتال ۾ اچڻ لاء ڪير تيار ناھن. ٻن سالن کان پوء ايس يوپي اڳواڻ انور منگڻھار شھمير ملاح لونگ سومرو عنايت الله شاھاڻي سيد ظفر شاھ ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالحميد سنڌي ۽ ٻين شھرين طرفان سن جي سرڪاري اسپتال کي 24 ڪلاڪ فعال بڻائڻ جي لاء سخت احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. هنن اڄ کان احتجاجي ڪيمپ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.