اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ارسا سنڌ حڪومت جي سنڌ صوبي ۾ پاڻي کوٽ 70 سيڪڙو تي پهچڻ واري دعويٰ رد ڪري ڇڏي، ارسا چيو آهي ته ڪالهه سنڌ کي ايڊوائيزري ڪاميٽي ي فيصلي تحت جڙندڙ حصي 61 هزار ڪيوسڪ کان هڪ هزار ڪيوسڪ وڌيڪ يعني 62 هزار ڪيوسڪس پاڻي ڏنو آهي، تفصيل موجب ارسا ترجمان خالد رانا سنڌ صوبي پاران پاڻي کوٽ 70 سيڪڙو تائين پهچڻ واري موقف کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو آهي ته پهرين اپريل کان شروع ٿيل خريف سيزن ۾ پهرين اپريل کان 7 مئي تائين پنجاب صوبي 31 سيڪڙو ۽ سنڌ صوبي 11 سيڪڙو پاڻي کوٽ برداشت ڪئي آهي، ان باوجود سنڌ صوبو ايتري پاڻي کوٽ جي ڳالهه ڪيئن ڪري رهيو آهي؟ سنڌ صوبي کي منگلا کان 4 پنجاب صوبي 31 سيڪڙو ۽ سنڌ صوبي 11 سيڪڙو پاڻي کوٽ برداشت ڪئي آهي، ان باوجود سنڌ صوبو ايتري پاڻي کوٽ جي ڳالهه ڪيئن ڪري رهيو آهي، سنڌ صوبي کي منگلا کان 4 لک 27 هزار 400 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو آهي، هاڻي به پنجند کان 10 هزار ڪيوسڪس روز سنڌ کي فراهم ڪري رهيا آهيون، پاڻي وهڪرن ۾ لاٿ اچڻ کان پوءِ پنجاب صوبي جي تونسا ۽ پنجند وٽان وهندڙ ڪينالن جو تعداد گهٽرايو آهي، چشما جهلم لنڪ ڪينال رڳو گريٽر ٿل ڪينال کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ وهايو پيو وڃي، اگر گريٽر ٿل ڪينال کي ڪنهن ٻئي هنڌان پاڻي فراهم ٿيڻ جو متبادل هجي ها ته چشما جهلم لنڪ ڪينال به بند ڪرائي ڇڏيون ها، هن چيو ته تونسا وٽان هيٺيون وهڪرو 37 هزار ڪيوسڪس مان وڌيڪ 52 هزار ڪيوسڪس تي اچي ويو آهي، ڪالهه 7 مئي تي سنڌ صوبي کي 62 هزار ڪيوسڪس پاڻي فراهم ڪيو آهي، ارسا جي پاڻي ورڇ بابت ٿيل ايڊوائيزري ڪاميٽي ۾ ٿيل فيصلي تحت سنڌ جو حصو 61 هزار ڪيوسڪس ٿئي ٿو، جنهن کان هڪ هزار ڪيوسڪس وڌيڪ ملي رهيو آهي، هن چيو ته اڄ 8 مئي تي تونسا جي هيٺين وهڪرن ۾ اضافو ٿيندو، جنهن کان پوءِ اڄ سنڌ کي 65 هزار ڪيوسڪس پاڻي فراهمي ٿيندي، هن تسليم ڪندي چيو ته صوبن کي حصي جو پاڻي ڏيڻ بعد تربيلا ۾ ڪجهه پاڻي اسٽور ڪيو پيو وڃي ڇو ته عيد کان پوءِ ٽيمپريچر ڪري تربيلا ۽ ڪابل جا وهڪرا گهٽ ٿيڻ جو خدشو آهي، اهي وهڪرا عيد کان پوءِ گهٽ ٿيا ته جيڪو تربيلا ۾ پاڻي گڏ ڪري رهيا آهيون ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهبو، ارسا ترجمان خالد رانا چيو ته صوبن مان بيراجن جي وهڪرن جا انگ اکر ارسا کي فراهم نه ٿي رهيا آهن، نه ئي پاڻي لاسز جا انگ اکر درست ملي رهيا آهن، هن چيو ته ڪالهه گڊو کان سکر تائين هڪ ڏينهن ۾ پاڻي لاسز 5 هزار ڪيوسڪس، سکر کان ڪوٽڙي تائين 7 هزار ڪيوسڪس پاڻي لاسز سنڌ حڪومت ڏيکاريا آهن، جڏهن ته تونسا کان گڊو تائين پاڻي لاسز رڳو 300 ڪيوسڪس آهن، تونسا کان گڊو تائين رڳو 300 ڪيوسڪس پاڻي لاسز ٿيڻ بعد سنڌ جي بيراجن تي ٿيندڙ پاڻي لاسز وارا انگ اکر ڪيئن درست مڃيون، سنڌ حڪومت پاران پاڻي کوٽ واري دعويٰ تي ارسا ترجمان چيو ته جيستائين بيراجن تي پاڻي وهڪرن جي مانيٽرنگ لاءِ ڪو سٺو نظام نه هوندو سڄي ملڪ جي بيراجن جي نظام جو ڪنٽرول ڪنهن نيوٽرل اٿارٽي وٽ نه هوندو ته پاڻي جي گهٽ فراهمي وارو مامرو حل نه ٿي سگهندو، هن چيو ته ڪو صوبو شفافيت نه چاهي ته جيڪو نئين سر ٽيليميٽري سسٽم لڳائڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي اهو لڳڻ کان پوءِ به مسئلو ختم نه ٿو ٿي سگهي، هن چيو ته 70 جي ڏهاڪي ۾ پنجاب جي بيراجن تي سنڌ جي آبپاشي عملدارن ۽ سنڌ جي بيراجن تي پنجاب جي آبپاشي عملدارن جي مقرري ڪئي وئي هئي، ان سسٽم کي ئي بحال ڪيو وڃي ته صوبن وچ ۾ پاڻي جي عدم فراهمي واريون شڪايتون گهٽجي سگهن ٿيون يا ارسا کي بيراجن جي وهڪرن جي نگراني جا به اختيار ڏنا وڃن.