اسلام آباد: ارسا جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪالاباغ هيڊ ورڪس، چشما بيراج، تونسا بيراج، پنجند بيراج تي سنڌ صوبي مان هڪ هڪ ايس ڊي او جي مقرري ٿيڻي هوندي آهي ۽ ائين لاهور مان سنڌ مان هڪ ايڪسين مقرر ٿيڻو هوندو آهي، اهي مقرريون پنجاب جي بيراجن ۽ پنجاب جي وهڪرن تي نظر رکڻ لاءِ ٿينديون رهيون آهن، پر ارسا جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اهي سموريون پوسٽون خالي پيل آهن، اتي سنڌ جا عملدار مقرر ٿيل ناهن، ائين پنجاب مان گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج سوڌو ڪراچي ۾ ايڪسين جي مقرري به ٿيل ناهي، پنجاب مان سنڌ ۾ آبپاشي عملدارن جون به پوسٽون خالي پيل آهن.