ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته ڇا سنڌ پاڪستان جو حصو ناهي؟ جو سنڌ سان ناڻي ۽ پاڻي سميت ٻين وسيلن ۾ ناانصافيون ڪيون وڃن ٿيون، صوبي جا 85 سيڪڙو وسيلا وفاقي حڪومت کان اچن ٿا پر وفاقي حڪومت سنڌ کي پورو مالياتي حصو نٿي ڏئي، وفاقي حڪومت جي نااهلي جو نقصان صوبن کي ٿئي ٿو، وفاقي حڪومت کان 10 مهينن ۾ سنڌ کي624 ارب ملڻا هئا پر رڳو 544 ارب ڏنا ويا آهن، اهڙي طرح 90 ارب رپيا سنڌ کي گهٽ ڏنا ويا، وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب سنڌ کي پنهنجي حصي مان پورا پئسا نٿا ملن، سنڌ اسيمبلي ۾ پري بجيٽ سيشن کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي واحد اسيمبلي آهي، جيڪا ڪورونا باوجود هلي پئي، هتي مخالف ڌر کي ڳالهائڻ جو موقعو به ملي رهيو آهي، وفاق ناڻي جا 3 وزير تبديل ڪيا، حفيظ شيخ کي ڪڍڻ کان پهرين هڪ هفتو اڳ سندس واکاڻ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته پ پ جي وفاقي حڪومت ۾ ناڻي جو وزير رهندڙن کي موجوده حڪومت ناڻي وارو وزير بڻائي رهي آهي، شوڪت ترين کانپوءِ نويد قمر جو وارو آهي پر نويد قمر ٻڏندڙ ٻيڙي ۾ سوار نه ٿيندو، هن چيو ته سنڌ جي مالياتي حصي مان ڪٽوتي ڪرڻ وفاق جي عادت بڻجي وئي آهي، وفاق جڏهن ٽيڪس اوڳاڙي ۾ ناڪام ٿئي ٿو ته ان جو نقصان سنڌ کي ٿئي ٿو، هن چيو ته شھيد ڀٽو اين ايف سي مان 80 سيڪڙو صوبن کي ڏيندو هو، هاڻي صوبن کي 57 سيڪڙو ملي ٿو، هيل سنڌ کي 90 ارب رپيا گهٽ مليا آهن. وڏي وزير چيو ته ٽيڪس اوڳاڙي وارو ڪم اسان کي ڏيو، اسان ان کي بهتر ڪري سگهون ٿا، سنڌ روينيو بورڊ جو ٽارگيٽ 125 ارب ۽ ايڪسائيز کاتي جو ٽارگيٽ 80 ارب آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي پگهارن ۽ پينشن جو ماهوار خرچ پنجاهه ارب رپيا آهي، جيڪي سال ۾ ڇهه سئو ارب بڻجن ٿا، سان هيل به پگهارون وڌائڻ تي سوچي رهيا آهيون، هن چيو ته اسان هيل 572 اسڪيمون مڪمل ڪنداسين، مختلف روڊ ٺاهيا ويا آهن، مهراڻ هاءِ وي ملير جو منصوبو هلي رهيو آهي، ڪراچي جي گهرج تمام گهڻي آهي، ان لاءِ گهڻا فنڊ گهرجن پر پوءِ به پنهنجن محدود وسيلن مان ڪم ڪرائي رهيا آهيون، ڪراچي جا منصوبا پ پ حڪومت ئي شروع ڪيا آهن ۽ مڪمل ڪرائيندي، مخالف ڌر تنقيد ڪندي رهندي، سنڌ حڪومت ڄامشوري پاور پلانٽ ۾ آڪسيجن ٺاهڻ شروع ڪئي آهي، هن چيو ته وفاق جي غلط پاليسين ڪري معاشي صورتحال خراب آهي، مهانگائي ٻيڻ تي وڌي وئي آهي، ملڪ جا قرض پڻ وڌيا آهن، اين ايِ سي جا اجلاس به آئين مطابق نه ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ڇا سنڌ پاڪستان ۾ آهي يا نه؟ پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ جي منصوبن لاءِ تمام گهٽ حصو ڏنو ويو آهي، 2012ع ۾ سنڌ کي 15 ارب رپيا، 2017ع ۾ 6.7 ارب رپيا ڏنا ويا، 2018-19 ع ۾ 24 ارب سنڌ کي مليا، هن سال سنڌ کي 8.3 ارب رپيا پي ايس ڊي پي ۾ حصو ڏنو ويو آهي، وزيراعظم کي 3، 4 خط لکيا آهن ته ڄامشوري کان سيوهڻ روڊ منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي پر مڪمل نٿو ڪيو وڃي،آئون پڇان ٿو ته سنڌ سان آخر ظلم ڇو ڪيو پيو وڃي؟ سنڌ سان نا انصافي ڇو ڪئي پئي وڃي؟ هن چيو ته وفاقي سرڪار ڪراچي لاءِ به ڪي فنڊ نه رکيا آهن ۽ نه ئي منصوبا ڏنا آهن، سمورا فنڊ سنڌ حڪومت جا آهن، نالن تي پئسا خرچ ڪرڻ کانسواءِ وفاقي حڪومت ڪجهه ناهي ڪيو. وڏي وزير چيو ته سنڌ صوبي ۾ 2008ع ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب هئي، گاڏيون ڪانواءِ ۾ هلنديون هيون پر هن وقت صورتحال تمام گهڻي بهتر آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ آءِ جي پوليس بدلي ٿئي ٿو ته واويلا ڪئي ٿي وڃي پر پنجاب ۾ ڏسو ته ڪيترا آءِ جي بدلي ڪيا ويا آهن؟ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي تنقيد ڪئي ٿي وڃي پر انهي ڪميشن مان ئي هڪ اقليتي ڇوڪري ڊي ايس پي ٿي آهي، ان کان اڳ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته اها ڳالهه غلط آهي ته ترقياتي فنڊ خرچ نه ٿيا آهن، پوري صوبي ۾ اسان جون ڪيتريون ئي رٿائون مڪمل ٿيون آهن، ڪيترن تي ڪم جاري آهي، وفاقي بجيٽ ۾ ٻين صوبن لاءِ رٿائون رکيون وڃن ٿيون پر سنڌ لاءِ ڪجهه ناهي رکيو ويندو، صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سوشل سڪيورٽي کي پوري صوبي جي پورهيتن لاءِ وڌايو آهي، پورهيتن لاءِ صحت ۽ تعليم مفت هوندي، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پورهيتن کي رجسٽرڊ ڪنداسين، ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته وفاق مان اين ايف سي تحت 44 سيڪڙو صوبن ڏانهن وڃي ٿو، انهي باوجود صوبا هر شيءَ لاءِ وفاق ڏانهن ڏسن ٿا، هن چيو ته ڊالر 165 مان 152 تي واپس اچي ويو آهي، سنڌ جي نوجوانن کي 10 اربن جو قرض ڏينداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت 13 سالن ۾ 7 هزار 880 اربن جي بجيٽ خرچ ڪئي، امن امان تي 753 ارب خرچ ڪيا ويا پر اڄ به ڌاڙيلن جون ٽڪ ٽاڪ ويڊيوز اچي رهيون آهن. پوليس آرڊرکي مڪمل سياسي بڻايو ويو آهي، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي جا ڪچا ڌاڙيلن جا ٿاڪ آهن.